سيٺارجن ۾ ٽائون جي چارج اي سي سوڀوديرو کي ڏيڻ خلاف احتجاج

سيٺارجا ( ن ع آ ) مڪاني نظام جي خاتمي بعد سنڌ حڪومت پاران ايڊ منسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ميرواهه تعلقي جي ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا جي چارج اسسٽنٽ ڪمشنر ميرواهه جي بجاءِ سياسي مفادن تحت اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو جي حوالي ڪرڻ خلاف علائقي جي سياسي سماجي حلقن پاران شهر اندر ٿاڻي کان وٺي پريس ڪلب تائين  احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي شهر اندر ٽوڪن شٽر بند هڙتال پڻ ڪئي وئي  احتجاج ڪندڙن بشير احمد لنڊ، اڳواڻ ايڊوڪيٽ حسين بخش ڪٻر، رسول بخش سهتو، منظور حسين ڪٻر، آغا طالب حسين لنڊ ، حاجي محمد اڪرم ، امداد خاصخيلي ، رحيم بخش جوڻيجو،اعجاز احمد لنڊ، گلاب علي لنڊ ۽ ٻين چيو ته اي سي سوڀوديروجي حوالي ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ چيوته سياسي مفادن تحت اهڙو عمل ڪري ڪرپشن کي هٿي ڏيڻ سميت علائقي جي عوام کي پريشانين  ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.