نوابشاهه ۾ سيشن جج ٻوٽو پوکي وڻ ڪاري مهم جو افتتاح ڪيو

نوابشاهه (ڊ ر) سيشن جج شھيد بينظير آباد امجد علي قاضي، مھتاب چانڊيو، امتياز احمد، سجاد مگسي، عبدالحفيظ ميتلو ۽ ٻين ججن نوابشاهه ڪورٽ جي احاطي ۾ مختلف وڻ ۽ ٻوٽا پوکي وڻڪاري مھم جو افتتاح ڪري دعا گھري انهي موقعي تي سيشن جج شهيد بينظير آباد امجد علي قاضي چيو ته وڻ لڳائڻ صدقي جاريه آهي وڻ لڳائڻ سان ماحول جي آلودگي ختم ٿئي ٿي ۽ وڻ لڳائڻ سان ماحولياتي گدلاڻ ختم ٿئي ٿي وڻ نه صرف انسانن لاءِ بلڪه جانورن ۽ پکين لاءِ به فائديمند آهن ۽ ڌرتي جي سونهن آهن هن چيو ته ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ وڻن جي پوکائي گهٽ هئڻ ڪري گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿئي ٿو هن عوام کي اپيل ڪئي ته شهرن ڳوٺن ۾ وڻ پوکيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.