ٿر ۾ لڳايل آر او پلانٽس وارو منصوبو ناڪام، اربين رپيا ٻڏي ويا، جاچ نه ٿي

مٺي/ ڏيپلو(رپورٽ:غازي بجير+ن ع آ) سنڌ حڪومت پاران مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ لڳايل ٻن ايشيا جي وڏن آر او پلانٽس سميت سمورن ڳوٺن ۾ اربين روپين جي لاڳت سان چالو ڪيل آر او پلانٽس وارو منصوبو ڪمپني جي لاپرواهي سبب ناڪام ٿي ويو آهي، جنهن سبب ٿر جي 17 لک آبادي کي کاري مان مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ لڳايل سمورا آر او پلانٽس ڪٿي بند ته ڪٿي مٺو پاڻي ڪرڻ ڇڏي ويا آهن، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ايشيا جا وڏي ۾ وڏا ٻئي پلانٽس ڏيڊ سال کان بند پيل آهن، باقي سمورن ڳوٺن ۾ لڳل پلانٽس ناڪاره ٿي ويا آهن، اربين روپين جي هن منصوبي کي ناڪام ڪرڻ ۾ هڪ وڏي سازش جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي، مليل رپورٽن موجب ته پاڪ اوسيئس ڪمپني کي ٿر ۾ آر او پلانٽس لڳائڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو هو، ڪمپني نالي ماتر هلڪي مشينري لڳائي فار ملٽي پوري ڪري وڏي بجيٽ هڙپ ڪري ورتي آهي. حڪومت طرفان اعلانيل ساڍا ست سئو آر او پلانٽس مان اڃان تائين ڪيترائي پلانٽ ناهن لڳا، جن جي مشينري به غائب آهي .۽ اُنهن پلانٽس بابت سرزمين تي ڪجھ به نظر نه ٿو اچي. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سالن کان لاٿل آر او پلانٽس جو مٽيريل ڪنٽينرن ۾ رهي رهي زنڱجي سڙي ويو آهي، اهڙي حوالي سان هن ميگاپروجيڪٽ ۾ ايڏي وڏي لاپرواهي ۽ ڪرپشن جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. هوڏانهن سمورن آر او پلانٽس جي ملازمن طرفان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اُنهي سلسلي ۾ مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ننگرپارڪر ۽ ٻين شهرن ۾ آر او پلانٽس جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪري سخت نعريبازي ڪئي ۽ جلد وزيراعلىٰ هائوس جي گهيراءُ جو اعلان ڪيو ويو آهي. . ياد رهي ته اربين روپين جي آر او پلانٽس منصوبي جي بدترين نموني ناڪامي تي سنڌ حڪومت توڙي چونڊيل نمائيندن جي خاموشي سواليا نشاني بڻجي وئي، سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائيندن سميت ضلعي انتظاميا سموري معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.