آريجن لڳ پ پ اڳواڻ انور سيال پاران فوتي جي لاڏاڻي تي تعزيت

خير محمد آريجا (ن ع آ ) سنڌ جي صوبائي وزير سردار سهيل انور خان سيال جو ڀاءُ پ پ اڳواڻ سردار شارخ انور خان سيال ۽ اڳوڻو ضلع ڪائونسل ميمبر سرائي فيصل خان سنديلو خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ ڪنبي سنديلا ۾ محمد بخش جيسر جي فوت ٿي وڃڻ تي سندس جي تڏي تي پهچي سندس جي وارث پٽن زوهيب علي جيسر ياسر علي جيسر نويد علي جيسر ممتاز علي جيسر سڪندر علي جيسر نويد علي سان مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ فاتح خواني بعد تعزيت ڪندي ڏک ونڊي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سردار شارخ انور خان سيال ۽ سرائي فيصل خان سنديلو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوام سان هر ڏک ۽ سک ۾ گڏ رهي آهي اسان جو عوام سان هميشه پنهنجائپ وارو رشتو رهيو آهي اسان جا دروازا عوام جي لاءِ 24 ڪلاڪ کليل آهن ۽ اسان هميشه عوامي خدمت تي يقين رکيو آهي جڏهن ته پ پ اڳواڻن سان وڏيرو شان خان سنديلو آفتاب ظفر سيال ديدار علي جتوئي ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ گڏ هئا.

پني عاقل تعلقي ۾ پ ٽ الف جون چونڊ سرگرميون جاري، 3 پئنل لٿل

پنوعاقل (ن ع آ)پ ٽ الف تعلقي پنوعاقل جي چونڊ سرگرميون شروع 3 پئنل ميدان تي لٿل ، آزاد پئنل لاءِ صدر ڪليم  اللھ ڪلھوڙو،سئينير نائب صدر صفي اللھ سومرو،جنرل سيڪريٽري منظور احمد چاچڙ جڏھن ته  سچل پئنل لاءِ صدر بخش علي انڍڙ،جنرل سيڪريٽري علي حسن سمائر ۽ مھر پئنل جو عبدالخالق مھر صدر ۽ مشتاق چاچڙ جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين عھديدارن پاران نامزدگي جا فارم ڀري 3 پئنل اميدوار ميدان تي اچي ويا،چيو وڃي ٿوته پ ٽ الف جي اليڪشن 11 آڪٽومبر جي ڏينھن ڪئي ويندي،استادن پاران فارم ڀرڻ کانپوءِ اليڪشن ورڪ شروع ٿي وئي.

ٽنڊي محمد خان ۾ پ ٽ الف جي چونڊ، استاد گل پينا بنا مقابلي ڪامياب

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر)ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾  پ ٽ الف جي اليڪشن ۾ حاجي شفيع سٺيو گروپ سوڀارو سٽي ٽنڊومحمدخان ، تعلقه ٽنڊومحمدخان ، ۽ تعلقه بلڙي شاهه ڪريم ۾ پ ٽ الف استاد گل پينل بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو خبرموجب ٽنڊومحمدخان  ضلعي ۾  حاجي شفيع سٺيو گروپ جي سامهون ڪنهن به پينل فارم نه ڀرايو صرف تعلقه ٽنڊوغلام حيدر ۾ حاجي شفيع سٺيو گروپ جي ٻن ڌڙن ۾  ورهائجي ويا ۽ الڳ الڳ اليڪشن  فارم وصول ڪيا  ضلعي ٽنڊومحمدخان ۾ حاجي شفيع سٺيو گروپ سان تعلق رکندڙ سٽي ۾ استاد گل پينل جو صدر عبدالحامد غوري ، جنرل سيڪريٽري غلام حسين ڪاتيار  ، تعلقه ٽنڊومحمدخان ۾ استادگل پينل جو حافظ عبدالطيف زئور  صدر ۽ جنرل سيڪريٽري تي عبدالوحيد نظاماڻي ،۽ تعلقه بلڙي شاهه ڪريم ۾ الڪريمي استاد گل پينل  ۾ صدر تي محمد بچل سومرو ۽ جنرل سيڪريٽري تي الله بچايو ڪاٺوڙو سميت سڀئي عهديدار بنامقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.