حنيف ذئي ٿر جي آواز کي تمام گهڻو بلند ڪيو: مقرر

مٺي(بيوروچيف)اسلام ڪوٽ ۾ صحافي حنيف ذئي جي ياڌ ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو،پريس ڪلب پاران ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ جي يو آءِ جي مولانا تاج محمد ۽ ٻين طرفان اجتمائي دعا گهري مرحوم جي روح کي ثواب بخشيو، شريڪ ٿيلن ڀيٽا پيش ڪئي، تعزيتي ميڙاڪي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نويد ميراڻي، ٽي ايم او محمد نواز مهر، مختيارڪار انور هنگورجو، ايس ايڇ او قربان راڄڙ، ايم ايس ڊاڪٽر نهچل داس، واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي، ڊاڪٽر شنڪرلال وانڪواڻي، گهنشام داس پارواڻي، امام علي جنجهي، عرفان علي راهمون، شنڪر سانگي ۽ شاهنواز خاصخيلي سميت صحافين عبدالغني بجير، مبارڪ بجير، اشوڪ شرما، غازي بجير، الطاف اسماعيل، ڪرشن سنگھه، سڪندر بجير، سجاول بجير، رياض بجير، سُڌير راٺوڙ، رزاق بجير، بشير فقير ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مقررين ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته حنيف زئي پوري سنڌ جو هڪ سگهارو آواز هو، اُنهي جي وڇوڙي تي صدمو پهتو آهي، حنيف ذئي ٿر جي آواز کي تمام گهڻو بلند ڪيو، هُو ٽيبل اسٽورين بدران ٿر جي ڳوٺن ۾ پيادل لهي رپورٽنگ ڪندي نظر ايندو هو، بدين سان گڏ هُن ٿر جي ڪيس کي تمام گهڻو رپورٽ ڪيو، حنيف جي وڇوڙي بعد صحافت ڇوري ڇني ٿي پئي آهي، جيڪو خال ڀرجي نه ٿو سگهي، حنيف ذئي تي ڳالهائيندي ڪافي دوست ڏُکارا ٿي پيا ۽ اکين مان لڙڪ تري آيا،جنهن سبب ماحول ڏُکارو ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.