سکر بئراج تي ليفٽ پاڪيٽ اسڪورنگ آپريشن شروع

سکر( رپورٽر) سکر بيراج تي 5 سا لن کان بعد پھريون دفعو بيراج جي ايس او پيز تحت  ڪالھ ليفٽ پاڪيٽ جي اسڪورنگ آپريشن شروع ٿي ويو آپريشن شروع ڪرڻ کان اڳ چئني ڪينالن جا وھڪرا بند ڪري بيراج جي اپ اسٽريم مان گيٽ نمبر 61 کان گيٽ نمبر 66جي دروازن کي پاڻي مان مٿي کڻڻ سان ڊوايڊ وال جي ڀرسان جمع ٿيل سلٽ تيز وھڪرن سبب ڊائون اسٽريم ۾ شامل ٿيڻ لڳي ان ڏس ۾ موقعي تي موجود ايڪسين سکر بيراج ٻڌايو تـ مين اسٽريم جو گيٽ نمبر 16جي ٽرين رولرن کي لڳاتار چئن ڏينھن تائين ڪمريشر ذريعي صاف ڪري گيٽ کي ايڪٽو ڪري ڇڏيو آھي ايڪسيئين سکر بيراج آفتاب احمد کوسو چيو تـ اھڙي اسڪورنگ آوريشن  18 سيپٽمبر تي رائيٽ پاڪيٽ مان نڪرندڙ کيرٿر رائيس ۽ دادو ڪينالن کي ھيڊ ورڪس تان بند ڪري36 ڪلاڪـن جو  اسڪورنگ آپريشن شروع ڪرڻ لاء سمورا انتظامات مڪمل ڪيا ويا آھن. رائيٽ پاڪيٽ جي سلٽ ۾ ڦاٿل گيٽ نمبر 2 ۽ گيٽ نمبر چار پڻ سلٽ کان آجا ٿي ويندا ايڪسين سکر بيراج ٻڌايو ڪلورنگ آپريشن ڪرڻ سالٽ جو 70 سيڪڙو نڪري ويندو جنھن سان ڪينال ڊزاين مطابق پاڻي کڻڻ جي سگھ وڌي ويندن ان سان ٽيل تائين پاڻي جي فراھمي يقيني بڻجي ويندي سکر بيراج جي ايڪسين ۽ انجي ٽيم کي سکر بيراج جي مستقل بحالي لاء ڪيل ڪوششن  کي چيف انجنير ليفٽ بينڪ ساراھ جوڳو قدم قرار ڏنو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.