وارهه ۾ شهرين جو قبرستان تي قبضي خلاف احتجاج

وارھ (ن ع آ)  وارھ جي تاريخي قبرستان تي قبضو برقرار ، قبضو ڪندڙ بااثر هجڻ ڪري  ضلعي توڙي تعلقي انتظاميه  قبضا مافيا خلاف ڪوبه تحرڪ نه ورتو، ان حوالي سان پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي شهرين سرائي آفتاب کهاوڙ ، پرائمري استاد احمد خان ڇٽو سني ڪاڪيپو، جيڪال ڪلهوڙو چيو ته شهر جي قبرستان تي بااثرن قبضو ڪري ڇڏيو آهي، پر انتظاميا دانهن باوجود ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي قبرستان تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.