اعجاز جتوئي سنڌ جي قومي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي: لياقت جتوئي

ميهڙ ( ن ع آ  ) سنڌ جي نالي واري قوم پرست سياستدان اڳوڻي سينيٽر مرحوم اعجاز علي خان جتوئي جي 23ورسي ميهڙ لڳ ڳوٺ  ٻيٽو جتوئي ۾  انتهائي سادگي سان ملهائي وئي، جڏهن ته مرحوم اعجاز علي خان جتوئي جي ڀائرن اڳوڻي وفاقي وزير تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ لياقت علي خان جتوئي، انجنيئر ظفر علي خان جتوئي، احسان علي خان جتوئي، صفدر جتوئي، نياز ٻرڙو ۽ ٻين مرحوم جي مزار تي وڃي گلن جي چادر چاڙهي ايثال وثواب لاء قل بخشيا، جڏهن ته مرحوم کي ايثال وثواب لاء قرآن خواني ڪرڻ سان گڏ خيرات جي ماني پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي لياقت علي خان جتوئي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مرحوم اعجاز علي خان جتوئي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيان ٿو . مرحوم پنهنجي حياتي ۾ سنڌ جي قومي حقن سميت پاڪستان جي مظلوم قومن بلوچ پختون  سرائيڪي ۽ سنڌي قوم جي قومي حقن لاء سنڌ قومي اتحاد ۽ بلوچ قوم پرست رهنماء مرحوم مير غوث بخش بزنجو جي پارٽي پاڪستان نيشنل پارٽي جي پليٽ فارم تان شاندار جدوجهد ڪئي ۽ سينيٽر هوندي سنڌ جي قومي حقن ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين سنڌ دشمن عملن خلاف سينيٽ ۾ سنڌ جو آواز رهيو هن چيو ته مرحوم اعجاز علي خان جتوئي سنڌ پرست اصول پرست قوم پرست پارليامياني سياستدان هو جنهن جي بي وقتا ئتي موت سبب نه رڳو خاندان جو نقصان ٿيو آهي پر سنڌ جي قومي حقن واري سياسي جدوجهد کي ناقابل برداشت نقصان پڻ ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.