ڪراچي جي ٻيٽن تي قبضا سنڌ دشمن رٿائون آهن: رياض چانڊيو

ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو 27 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ رٿيل تحفظ سنڌ ريلي جي ڪاميابي لاءِ مختلف سنڌي وسندين انڊس ٽائون، خميسا ڳوٺ، عبدالرحيم  ڳوٺ ۽ ٻين هنڌن تي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي وڏن شھرن تي ڌارين کي قابض ڪرڻ لاءِ نوان ۽ جديد شھر جوڙائي ٻاهريان ماڻھون گهرائي سنڌ ۾ انساني آبادي جو توازن تبديل ڪري رهيا آھن ته جيئن ڌرتي ڌڻين حڪي حاڪميت جي حق کان محروم ڪري  اسان کي پنهنجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪري رهيا آھن، عمران حڪومت جا ڪراچي جي ٻيٽن تي قبضا ۽ ميگا رهائشي منصوبا اهي سڀ سنڌ دشمن رٿائون آھن.  رياض علي چانڊيي وڌيڪ چيو ته روزگار جي سڀني وسيلن تي اهي آئل ۽ گئيس جو فيلڊون هجن ڪراچي جو سنتون هجن يا نيشنل يا ملٽي نيشنل ادارا هجن انهن سڀني ۾ سنڌ جي نواجوانن جي روزگار تي اڻ سنڌي طرح اڻ اعلانيل بندش پيل آھي ضيائي آمريت کان  وٺي عمران سرڪار تائين منظم رٿابندي سان غير ملڪين ۽ ڌارين جي آبادگاري ڪئي پئي وڃي سنڌ جي مالي قدرتي ۽ سڀني پيداواري وسيلن جي ڦرلٽ جاري آھي جنهن جي ڪري سنڌ ۾ غربت ڀيانڪ شڪل اختيار ڪئي آھي ان موقعي تي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي صدر ممتاز بروهي غفارميرجت عمران سپرو جساف اڳواڻ ملڪ چولياڻي پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.