جيڪب آباد ۾ شهرين جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد جي جان محمد ٽالاڻي ڪالوني جي رھواسين پاران زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب آڏو پهچي احتجاجي مظاھرو ڪيو۔ ان موقعي تي جونگل، غلام فريد، ذوالفقار، غلام  حيدر لاشاري ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته ڳوٺ خانڻ ڌڙي ۾  اسان جي 100 جريب زرعي زمين تي گلاب لاشاري، مير محمد لاشاري، ايوب لاشاري مجيد لاشاري وارا 35 سالن کان قبضو ڪيو ويٺا آھن زميني تڪرار تان 5 خون به  ٿي چڪا آھن اسان مختلف سردارن کان فيصلا ڪرايا . اھي.  ڪوڙا ٿيا هنن الزام هنيو ته اسان جوابدارن کي حد جي ٿاڻي مولاداد پوليس کان گرفتار ڪرايون ٿا پر جوابدار ڌر کي پي پي جو ضلعي صدر لياقت لاشاري ٿاڻي کان ڇڏائي ٿو اسان جو مطالبو آھي ته  اسان جي زمين تان قبضو ھٽايو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

راڻيپور ٽائون ملازمن جو پگهار نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

راڻيپور ( ن ع آ ) راڻيپور ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن کي پگهار نه ملڻ خلاف انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪري ٽائون آفيسر جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال پڻ ڪئي،  جنهن جي اڳواڻي حيدر بخش ملاح، غلام رسول مڱڻهار، شهمير شيخ، قربان ميمڻ ۽ ٻين سميت صفائي واري عملي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن ڪئي، انهي موقعي تي مظاهرين انٽرنيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي پگهار کي اڍائي مهينا گذري چڪا آهن دانهن باوجود ملي ناهي سگهي جڏهن ته معصوم ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن.  اسان جو صرف ٽائون جي مزدوري تي گذارو آهي هنن چيو ته حد جو ايم پي اي سيد پيار علي شاه واقعي جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ۽ پگهار ڏياري، ٻئي پاسي معزز شخصيت سيد فرزند علي شاهه جيلاني بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي مزدورن سان يڪجهتي جو اعلان ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.