ڪرونڊي لڳ عور ت جو زهر کائي مبينا آپگهات، پيءُ ۽ مڙس تي قتل جو الزام

پڪاچانگ  (رپورٽ : امرشر ) ڪرونڊي جي  ڳوٺ جمعو فقير شر ۾ 4 ٻارن جي ماء سسئي خاتون  زال گلڻ شر مبينا طور زهر کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو , جڏهن ته فوتي عورت جي پيءُ  محمد بچل  ۽ ماء ست  ڀرائي خاتون  فيض گنج پوليس کي اطلاع ڪيو  ته اسان جي ڌي کي سندس مڙس گل محمد شر ۽ ٻين تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ زهر پياري خودڪشي جو ڊرامو ڪيو ويو آهي جنهن بعد فيض گنج پوليس ۽ ڪرونڊي چوڪي پوليس  فوتي عورت جو لاش کڻائي پڪاچانگ جي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪرايو جنهن جي ابتدائي رپورٽ ۾ زهر پيئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن بعد فوتي عورت جو لاش سندس پيء حوالي ڪيو ويو، جيڪو اڪري لڳ ڳوٺ علي شير شر کڻائي ويو جڏهن ته فوتي عورت جي والد بچل شر ۽ ٻين پڪاچانگ اسپتال ۾ احتجاج ڪندي دانهيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي اسان جي نياڻي جي جسم تي تشدد جا نشان آھن سندس مڙس روز  تشدد ڪندو ھو اسان جي بيگناه ڌيء کي قتل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.