ڇور ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

ڇور (رپورٽ: سروپ سنگھه سوڍو) ڇور عمرڪوٽ مين روڊ کيت سنگھه موڙ تي ٻوڏ متاثر ھارين ۽ آبادگارن پاران برسات کي 15  ڏينھن گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ڪرڻ  ۽ واهر نه ٿيڻ   خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي 3 ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاھرين ڪامريڊ واشو مل شام سنگھ رمضان دسرت مھاويرسنگھ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برسات سبب اسان جي پنج ھزار کان مٿي پوکيل   فصل پاڻي هيٺ اچي تباهه ٿي ويو آهي، ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن،  کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھيون پر انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن طرفان اسان جي ڪنھن به قسم جي سار نه لڌي آھي،  هنن وڌيڪ چيو ته   ٽينٽ ۽ راشن جابيگ مڇردانيون بااثر ماڻھن کي ڏنيون پيون وڃن جيڪا اسان سان وڏي ناانصافي آھي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  نوٽيس وٺي  پاڻي نيڪال ڪرائي واهر ڪئي وڃي..

ڪشمور ۾ سماجي تنظيم برسات متاثرن ۾ کاڌو ورهايو

ڪشمور (ڊر) ڪشمور ۾ سماجي تنظيم پاران ٻوڏ متاثرن ۾ تيار ٿيل کاڌو  ورهايو ويو، المصطفيٰ ويلفيئر ٽرسٽ ڪشمور پاران ڪچي جي مختلف ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تيار ٿيل کاڌو ورهايو ويو، ان ڏس ۾ ٽرسٽ جي صدر نصير احمد سولنگي تنظيمي سرگرمين جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته المصطفيٰ ويلفيئر سوسائٽي ٽرسٽ ڪافي سالن کان وٺي ڪشمور ۾ غريب مستحق ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

وفاق ۽ سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن جي واهر ناهي ڪئي: راشد محمود سومرو

عمرڪوٽ (ڊ ر) جمعيّت علماء اسلام  سنڌ جو جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو عمرڪوٽ پهتو عمرڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا راشد  محمود سومرو چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد نه وفاقي سرڪار ڪري پئي نه وري سنڌ سرڪار متاثر سخت مشڪلات ۾ آهن انهن جا ٻچا دربدر آهن چونڊيل حڪومتون ماڻهن جي مالڪي ڪرڻ بدران  هڪ ٻي جي نااهلي لڪائڻ جي لاءِ هڪٻئي ته الزام هڻي رهيون آهن. صدر پاڪستان پاڻ متاثرن کي راشن نٿو ڏي اهو اسان مولوين کان وٺي پنهنجو نالو ڪري متاثرن ۾ ورهائي پيو آمريڪا جي چوڻ تي هڪ شخص کي ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويو انڪري نتيجو موٽروي وارو ملندو موٽروي معاملي تي پورو پاڪستان ۽ اسان سڀ غم ۾ آهيون پر وفاقي سرڪار سي سي پي او لاهور جي ترجمان بڻيل آهي هن واقعي ۾ ملوث جوابدار سان گڏ وڏي وزير پنجاب ۽ سي سي پي او لاهور کي به فوري طور عهدو ڇڏڻ گهرجي هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل کي به ڪڏهن ڪونه مڃينداسين آمريڪا پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عمران خان کي پاڪستان جو وزير اعظم بڻايو آهي هڪ سازش تحت سنڌ ۾ الڳ صوبي جو مختلف وقتن تي شوشو ڇڏي ڪري مئل گهوڙي ۾ ساھ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سنڌ ۾ لساني بنياد تي صوبو نٿا مڃون سنڌ صدين کان هڪ آهي ۽ هڪ رهندي ڪابه طاقت سنڌ ٽوڙي نٿي سگهي..هن چيو ته ڊسمبر کان پوري سنڌ ۾ حقن جي حاصلات لاءِ  ڀرپور تحريڪ شروع ڪري چورن ۽ انهن جي ساٿارين کي قابو ڪنداسين.

مانجهند لڳ سنڌوءَ ۾ چاڙهه، 4 بند ٽٽي پيا، 5 ڳوٺ پاڻي هيٺ

مانجهند (  رپورٽ:  بابو عمراڻي )  مانجهند ڀرسان  سنڌو درياءَ  جي چاڙھ سبب 4 زمينداري بند ٽٽڻ جي نتيجي ۾ پاڻي تيزي سان ريلوي پل  ويھه دري کان ڪراس ڪندي پڪي جي ڳوٺن ڳوٺ رستم کوسو، ڳوٺ اللّه رکيو ورياڻي، ڳوٺ سوڀو مانجهند ماهي فقير سميت 5 ڳوٺن جي گهرن  ۾ داخل ٿيڻ سبب  ڪيترائي  گهر ڊَھي پٽ ٿي ويا، جنهن سبب ڳوڻاڻا بي يارومدگار ٿي پاڻي ۾ وقت گذارڻ لڳا پر انتظاميا ڪٿي به نظر نه آئي، جڏھن ته متاثر ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي چُڪا آھن، جتي گُذريل هڪ رات کان متاثر ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن، جڏھن ته وڌيڪ زمينداري بند هئڻ سبب  ڳوٺ خدا بخش  تنگهياڻي، ڳوٺ پانڌي خان تنگهياڻي، ڳوٺ نهالاڻي، ڳوٺ ٻجورا، ڳوٺ قائم الدين کوسو، ڳوٺ هالاڻي سيد سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي ٻُڏجڻ جو خطرو وڌي ويو آھي، جڏھن ته ڄاڻايل ڳوٺاڻن جو مانجهند ۽ انڊس هاء وي سان زميني رابطو ڪٽجي چُڪو آھي، متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته انتظاميا طرفان واهر نه ٿيڻ سبب پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺن کي بچائڻ لاء بند ٻڌا پر پاڻي گهڻو هجڻ سبب بند پاڻي جي سٽ نه سهندي بند ٽُٽي پيا، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفي ٻُڌايو ته ڄاڻايل ڳوٺن ۾ ڪوبه بچاء بند نه هو، ڳوٺاڻن پنهنجي طور تي بند ٻَڌو هو جيڪو بند ٽٽڻ سبب پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿيو آھي، جڏھن ته کين اڳ ۾ ئي ٻُوڏ جي امڪاني خطري بابت آگاھ ڪيو ويو هو، مختيار ڪار مانجهند کي هدايتون جاري ڪندي کيس متاثر ڳوٺن ۾ پهچي متاثر ڳوٺاڻن جي مدد ڪرڻ ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آھي.

منهڙو جي اسڪولن ۾ برسات متاثر ويٺل، تعليم متاثر

منهڙو ( ن ع آ ) منهڙو جو گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول  سنڌ حڪومت جي اعلان باوجود تعليمي عمل اڃان تائين شروع نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته اسڪول ۾ برسات متاثر ڳوٺاڻا گهر ڪري ويٺل آهن، اسڪول مال جي واڙي ۾ تبديل هر طرف گند گاھ جا ڍير لڳل ڪلاس رومن ۾ پڻ ڪڪڙيون آنن تي ويٺل ڪلاس روم ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏيڻ لڳا ضلعي شهيد بينظيرآباد انتظاميان اسڪول جي بحالي لاء ڪو به قدم نه کنيو اسڪول آيل ڪيترائي شاگرد مايوس واپس گهر روانا انتظاميان کان فوري طور اسڪول کولرائڻ جو مطالبو جڏهن ته گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول منهڙو سان گڏ مين پرائمري اسڪول عبدالله پنجابي ۾ برساتي پاڻي اڃان تائين تلائن جي صورت ۾ بيٺل پرائمري اسڪول ڏانهن ويندڙ رستا پڻ مڪمل پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن مگر انتظاميان پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء هن مهل تائين ڪي به اپاء ناهن ورتا هتان جي سياسي سماجي اڳواڻن سنڌ حڪومت کي پرزور اپيل ڪندي گهر ڪئي آهي ته منهڙو جي اسڪولن مان برساتي پاڻي فوري طور نيڪال ڪرائي تعليمي سرگرميون بحال ڪيون وڃن.

ڊگهڙي ۾ برسات متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل، احتجاج

ڊگهڙي (ن ع آ) ڊگهڙي ڀرسان انب موري بس اسٽاپ تي برسات متاثر ڳوٺ جيئو ڪلوئي جي رهواسي منڱڻهار برادري جي مردن،عورتن ۽ معصوم ٻارن پاران سومري منڱڻهار ۽ نديم  منڱڻهاري جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته تازو آيل برساتن سبب اسان جو ڳوٺ سخت متاثر ٿيو آهي اسان پنهنجي ٻچن سان گڏ کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون  بار بار احتجاج باوجود اسانکي ٽينٽ،راشن ۽ ٻيو ضروري سامان ناهي ملي سگهيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته امدادي سامان من پسندن کي ڏنو پيو وڃي،  بي يارو مددگار  ويهي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي،  ان موقعي تي ڊي ايس پي ڊگهڙي ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

بٺوري ۾ برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

سجاول (ڊ ر)  ميرپوربٺورو تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلن سان تعلق رکندڙ برسات متاثرين جي واھر نه ٿيڻ ۽ آيل ٽينٽ ۽  مڇردانيون تعلقي انتظاميا پاران من پسند ماڻهن کي سياسي ۽ سفارشي بنيادن تي تقسيم ڪرڻ جي خلاف تعلقي جي مختلف ڳوٺن جي سوين برسات متاثر عورتن ۽ مردن جو مسمات شفا، مسمات رحيمان، علي نواز ملاح، رمضان جت، حسن سوھو، ھاشم زنگيزو ، موسي ڪنڊرا ۽ شوڪت ڏيٿو جي اڳواڻي ۾ رليف ڪاميٽي جي سربراهه اسٽنٽ ڪمشنر ميرپوربٺورو غلام حيدر خاصخيلي جي آفيس اڳيان مين اسٽاپ تي سجاول، حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.  ان موقعي تي متاثرين پاران تعلقي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي آهي، ھوڏانھن احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ميرپوربٺورو تعلقي ۾ برسات متاثرين لاءِ آيل ٽينٽ ۽ مڇردانيون سياسي ۽سفارشي بنيادن تي تعلقي انتظاميا پاران مخصوص ۽ من پسند ماڻهن ۾ تقسيم ڪيون پيون وڃن ۽ حقيقي متاثرين اي سي آفيس اڳيان دربدر ٿي رھيا آھن، پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي،  هنن چيو ته متاثر بي يارو مددگار  ويٺل آهن، نوٽيس وٺي سندن جي واهر ڪئي وڃي.

سڪرنڊ لڳ پاڻي چاڙهه برقرار، بند تي دٻاءُ وڌي ويو، ڳوٺ پاڻي هيٺ

سڪرنڊ ( رپورٽ: لطيف جمالي ) سڪرنڊ ڀرسان سنڌو درياھ ۾ پاڻي جو  چاڙھ برقرار پنج لک کان وڌيڪ پاڻي جو وهڪرو  تعلقي سڪرنڊ مان ڪراس هئڻ جي ڪري بندن تي دٻاء وڌي ويو. لاکاٽ  مڏ بنگلي ۽  مڏ منگلي محراب پور ماڙي جلباڻي  ڪيٽي جڙيو سميت سنڌو درياء جي ٻيٺ ۾ ڳوٺن کي پاڻي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، سندس رستا پاڻي ۾.ٻڏي ويا ڳوٺاڻن جي اچ وڃ ٻيڙين ذريعي جاري سندن فصل ۽ هيٺيائين سطح تي ڳوٺ  ٻڏي ويا جڏهن ته متاثرن بندن تي پنهنجي مدد پاڻ تحت جهوپڙيون هڻي پنهنجي رهائش اختيار ڪري ورتي. ان موقعي تي متاثر مڏ بچاء بند تي رهندڙ باگڙي برادري جي پرنداس باگڙي، هميرو ڪنور، نورنگ ،عمرداس، لال ڀڳيتو، هري چند ۽ ٻين عورتن معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته سنڌو ڪناري ڀرسان پنهنجن ڪچن گهرن ۾ رهندا آھيون.  محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪريون ٿا پر سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي چاڙھ سبب اسان جا فصل ۽ گهر مڪمل تباه ٿي ويا آهن اسان جي اڃان تائين چونڊيل  نمائندن ۽ حڪومت پاران ڪابه مدد ناهي ڪئي ،وڏا ماڻهون فوٽو سيشن ڪرائي هليا ٿا وڃن، جڏهن ته ٻي طرف ايريگيشن عملي پاران بندن کي مضبوط ڪرڻ جي لاء ڳري مشين گيري ذريعي پيچنگ جو ڪم جاري آھي .حساس بند  مڏ منگلي تي موجوده  سپريڊنٽ انجنيئر روهڙي ڪئنال حيدراباد نياز حسين ميمڻ ٻڌايو ته ساڍا چار لک پاڻي جو وهڪرو ڪراس ڪري رهيو آھي بندن جي پوزيشن مضبوط آھي ڪابه خطري جي ڳالهه ناهي ايريگيشن عملو 24ڪلاڪ بندن جي سخت نگراني ڪري رهيو آھي ان موقعي تي ايس ڊي اوايريگيشن زبير احمد جمالي ۽ ٻيو عملو موجود هو،

پيرونمل ۾ سماجي اڳواڻ ذاتي خرچ تي برساتي پاڻي ڪڍرايو

پيرونمل (ن ع آ) پيرونمل ويجھو 18 ميل ۾ سماجي اڳواڻ محبوب علي بگٽي پنھنجي مدد پاڻ تحت سندي ذاتي خرچ تي  ٻوڏ متاثرين جو بيٺل برساتي پاڻي ڪڍرايو،برساتن کي تقريبن 25 ڏينھن گذري چڪا آھن پر ڪو به نمائيندو ڪنھن غريب وٽ اڄ تائين لڙي نه نه آيو آهي، ٻوڏ هيٺ آيل 18 ميل جي ڳوٺاڻن وفا سومرو لاهوتي، ڀلو  ۽ ٻين ٻوڏ متاثرين صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته اسان ڪافي دفعا چونڊيل نمائيندن کي پڻ اپيلون ڪيون ته اسان جا ٻچا برسات سبب روڊن تي ويٺل آھن مھرباني ڪري اسان کي ڳوٺن مان پاڻي ڪڍائي ڏنو وڃي ۽ اسان جي ڪا واهر ڪئي وڃي پر ڪنھن به سار نه لڌي وڌيڪ هن ڳالھائيندي چيو ته اسان  سماجي اڳواڻ جا شڪر گذار آھيون جنھن پنھنجي مدد پاڻ تحت سندي خرچ تي اسان کي ڳوٺن جو پاڻي ڪڍرائي ڏنو اڄ اسان پنھنجن ڪکن ۾ ٻچن سان گڏ سک جو ساهھ کنيو آھي.

سڳيون جو ڪچو ٻڏل، ڪيترائي فصل پاڻي هيٺ اچي ويا

سڳيون (ن ع آ) سڳيون ۽ ڀرپاسي ۾ٻوڏ سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا  آهن، فصل ٻڏي وڃن ڪري هارين توڙي آبادگارن کي سخت نقصان پهتو آهي، گڊو سکهر بيراج تي مسلسل لاٿ اچڻ باوجود سڳيون جي ڪچي ۾ پاڻي جو چاڙهه برقرار آهي، ڪالھ شام ديرسان ڪچي ۾ فصل بچائڻ لاءِ لڳل ذميداري بند ۾ مختلف هنڌن تان گهارا پئجي ويا جنهن سبب ٻوڏ جو پاڻي  سڳيون جي ڪچي واري علائقي ۾ رهيل سوين ايڪڙن تي ڪاھيل فصل پڻ پاڻي ھيٺ آڻي ٻوڙي ڇڏيا، ڊي سي خيرپور ۽ اي سي سوڀوديرو اي سي سوڀوديرو رليف ڪئمپ قائم ڪري هليا ويا. ڪچي جي ماروئڙن کي ڪوبه رليف مھيا نه ٿيو آهي.

آريجن لڳ بند ٽٽڻ سبب فصل تباهه ٿيڻ ڪري آبادگار تڪليفن جو شڪار

خير محمد آريجا (ن ع آ) خير محمد آريجا لڳ ڪچي واري علائقي ۾ ڪي ٽي ٻگهيا ڪي ٽي بيهڻ حسن واهڻ جي ڪچي جي  علائقي ۾زمينداري بند ٽٽڻ سبب هزارين جريبن تي تيار ٿيل فصل کي نقصان پهچڻ سبب هارين جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، آبادگارن ۽ هارين جو چوڻ هو ته زمينن جو جهلي بند ٽٽي پيو جنهن جي ڪري فصل پاڻي هيٺ اچي ٻڏي تباھ ٿي ويا اسان کي لکين رپين جو نقصان پهتو آهي هزارين روپيا خرچ ڪري اسان ڪوشش ڪئي ته جهلي بند ٻڌرائي فصل کي بچائي سگهون.  پر فصل نه بچائي سگهياسين، آبادگارن ۽ هارين وزيراعليٰ سنڌ آبپاشي ۽ زراعت کاتي جي صوبائي وزير ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا اهڙي معامري جو نوٽيس وٺي اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري بيچي دور ڪئي وڃي.

ڪنري ۾  پ پ اڳواڻن  پاران ٻوڏ متاثرن ۾  امدادي سامان ورهايو ويو

ڪنري (ت ر) ڪنري تعلقي ۾ برساتن جي تباھ ڪارين ۾ آيل ٻوڏ ۽ حڪومت پاران علائقي کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ واري اعلان  بعد ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون شروع ٿي چڪيون آھن ان سلسلي ۾ ڪنري ڀرسان ڳوٺ حاجي شڪيل باجوه ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر ۽ ايم پي اي و صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر پاران موڪليل امدادي راشن ٻوڏ متاثرن ۾ ورھايو ويو،پ پ پ جي مقامي اڳواڻن اڳوڻي چيئرمين سٽي حاجي شڪيل باجوه، حاجي امير حسن خاصخيلي، چوڌري احتشام اقبال آرائين، قاضي محمد صادق، زاھد آرائين، پپو رضا ۽ ٻين تعلقي جي مختلف ڳوٺن مان آيل سوين ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ امدادي راشن، خيمان، مڇردانيون ۽ ٻيو سامان ورھايو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.