اوٻاوڙي ڀرسان ٽرالر جي ٽڪر ۾ ڪوٽوار فوت

اوٻاوڙو (ن ع آ) اوٻاوڙو ريونيو ڊپارٽمينٽ جو ڪوٽوال شبير احمد ٿهيم مير پور وڃي رهيو هيو ته ڏھرڪي باء پاس سان ويندڙ تيز رفتار  ٽرالر نمبر TX 079 جي زور دار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ اوٻاوڙو واسي  شبير احمد ٿهيم ٽرالر جي ٽائر هيٺيان چيٻاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور ٽرالر کي ڇڏي فرار ٿي ويو لاش کي ڏهرڪي پوليس سول اسپتال پھچايو  جيڪا ضروري ڪاروائي کان پوءِلاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر ۾ پهچڻ تي گهر ۾ ماتم برپا ٿي ويو اهڙي اچانڪ موت تي ھر اک آلي هئي جڏهن ته ٽرالر کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.