گهوٽڪي ۾ نينگر ڀت ڪرڻ سبب دٻجي فوت

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي شهر جي محله بگي واھ ڀرسان گهر جي ڀت ڪرڻ سبب نينگر فوت ، خبر موجب  گهوٽڪي جو رهواسي مير  حسن چاچڙ جو نينگر نعيم الله چاچڙ ڀت هيٺان اچي دٻجي ويو جنهن کي زخمي حالت ۾ تعلقه اسپتال  گھوٽڪي ۾ داخل ڪيو ويو ، پر ڊاڪٽرن جي غير حاضري ۽ لا پرواهي ڪري  نينگر فوت ٿي ويو ۽ اسپتال عملي پاران ايمبولينس نه ڏني وئي جنهن کانپوءِ لاش مالڪ موٽرسائيڪل تي گهر کڻي ويا ، لاش گهر پهچڻ کانپوءِ لاش کي موٽر سائيڪل تي ڏسي اسپتال انتظاميه کي پٽون پاراتا ڏيندا رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.