قمبر عدالت ۾ عمر قيد جي سزا ملڻ تي جوابدار جي آپگهات ڪوشش

پکو (ن ع آ) قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ ۾ قتل جي ڪيس ۾ قيد قمبر جي باگوديرو جو رهواسي نور حسين گوپانگ کي ماڊل ڪورٽ  طرفان قتل جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي تي عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ سزا ملڻ تي ڪورٽ اندر زھريلي دوا کائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي موجود جيل پوليس اھلڪارن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران علاج جاري آهي جڏھن ته زھر کائيندڙ قيدي جو پھرو سخت ڪري وارڊ اندر پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويا آھن ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدار نورحسين گوپانگ مٿان قتل جو ڪيس ھلندڙ ھو جنھن جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ ۾ پيشي دوران خون ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 5 لک روپيه ڏنڊ جي فتوي’ ملڻ تي جوابدار لڪائي رکيل زھريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنھن کي   اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.