اوٻاوڙي لڳ فصل تان جهيڙو، عورتن سوڌو 6 زخمي

اوٻاوڙو (ن ع آ) اوٻاوڙو ريتي لڳ ڳوٺ نصير ڌانڌو۾ ڌانڌو برادري جي ٻن ڌرين ۾ فصل جي ڀيل جي  تان جهيڙو ٿي پيو جنھن ۾  لٺين  ۽ ڪهاڙين جو آزادانہ استعمال ڪيو ويو جتي ڳوٺاڻا جھيڙي واري ھنڌ  پھچي جھيڙي کي ٽاريو جھيڙي سبب ٻن عورتن مسمات مھران  ڌانڌو مسمات حسينه ڌانڌو سميت چار مرد،  دلبر ،دودو،نواز،۽ سومار ڌانڌو سخت زخمي ٿي پيا،اطلاع تي ريتي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٻنھي ڌرين جي زخمين کي کڻائي ريتي ٿاڻي تي پهچايو جتان ريتي پوليس ليٽر ڏئي زخمين کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال ڏھرڪي موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته ريتي پوليس جو چوڻ آهي ٻنھي ڌرين جو جھيڙو معمولي ڳالھ تان ٿيو آھي جنھن ڌر اڳرائي ڪري جھيڙو ڪيو آھي انھن خلاف  ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.