ننگرپارڪر ۾ مبينا خودڪشي ڪندڙ نوجوان جا وارث ٿاڻي پهچي ويا:قتل جو الزام

مٺي(بيوروچيف)ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ مصري شاھ ۾ هفتو اڳ مبينا طور خودڪشي ڪندڙ 22 ورهين جي نوجوان دليپ ڪمار جا  والدين ماءُ پيءُ ڏانوڌانڌل ٿاڻي تي پهچي ويا، جتي پيءُ وينجهي ميگهواڙ ۽ ماءُ ليلا دانهيندي چيو آهي ته  اسان جي پٽ دليپ ڪمار کي ڳوٺ جي بااثر وڏيرن پٽ تي سخت تشدد ڪري زخمي ڪري ماريو آهي، جڏھن ته ڏانوڌانڌل پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ۽ شفاف جاچ ڪرڻ کان پوءِ جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.