لاڙڪاڻي لڳ ڪتن عورت سميت 8 ڄڻا ڏاڙهي وڌا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، هڪ عورت سميت 8 ڄڻن کي رولو ڪتن ڏاڙهي  زخمي ڪري ڇڏيو جنهن ۾ شهر جي الهه آباد جو رهواسي بلاول پٽ وزير، واسع پٽ ايوب، ڊيرا مراد جو رهواسي بالو پٽ سڪندر، لغاري محلا جو رهواسي امتياز پٽ ممتاز علي، عرفان علي، نصرت خاتون، محسن علي ۽ ٻين کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي وارث کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ قائم اينٽي ربيز سينٽر داخل ڪرايو جتي کين ضروري علاج ۽ ويڪسين ڏني وئي. ان حوالي سان سينٽر انچارج ٻڌايو ته لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس سميت ڊيرا مراد جمالي سان واسطو رکندڙ هڪ عورت سميت 8 ڄڻن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن کي وارثن سينٽر آندو جتي کين ضروري علاج ۽ ويڪسين پڻ ڏني وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.