ٽنڊي آدم ۾ ڪتن ٻن ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، ويڪسين اڻلڀ، احتجاج

ٽنڊوآدم ( ت ر ) ٽنڊوآدم لڳ رولو ڪتن نينگري سميت ٻن ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو ويڪسين اڻلڀ احتجاج رپورٽ  موجب ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ سبزل مهڪاڻي ۾ رولو ڪتي 8  ورهين جي سومري ڌي شاهنواز مهڪاڻي ۽ 35 ورهين جي غلام رسول مهڪاڻي کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو  جن کي وارث تعلقا اسپتال آندو جتي ويڪسن نه هجڻ سبب ٻنهي کي معمولي مرهم پٽي ڪري گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو ، ويڪسين نه ملڻ تي وارثن تعلقا اسپتال عملي آڏو احتجاج ڪيو ته عملي ۽ وارثن ۾ جملن جي ڏي وٽ  پڻ ٿي۔.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.