پني عاقل ۾ پيرسن جو وياجين خلاف احتجاج

پنوعاقل (ن ع آ) وياج جا پئسا نه ڏيڻ تي ھٿياربندن جو گھر تي حملو،پٽ کي اغوا ڪرڻ ي ڪوشش،چار پنج لک جو ٻج ڀاڻ ۽  تيل ورتو دڪاندار مول وٺي 2 لک وڌيڪ وياج جي گھر ڪئي،انڪار ڪرڻ تي ساٿين سمت  ٻچا کئڻڻ  جون ڌمڪيون ڏئي گھر ۾ گھڙي پيا،دانھون ڪرڻ کانپوءِ ماستر علي محمد جتوئي ،امام بخش ۽ ٻين پاران سخت  نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندي ھليا ويا آھن. ، ڪچي واسي پوڙھي آڍو انڍڙ جون ڊي ايس پي آفيس ۽ ميڊيا آڏو دانھون احتجاج،ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان انصاف جي گھر،خبرموجب؛پنوعاقل جي ڪچي ڳوٺ سونارو انڍڙ ۾ رھندڙ 70 سال جو  پوڙھو فقير آڍو انڍڙ ھتي پنوعاقل   ڊي  ايس پي آفيس ۽ ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته 3 سال اڳ ڪڻڪ  جي فصل لاءِ ڪاندار ماستر علي محمد ۽ امام بخش جتوئي کان ٻج ڀاڻ ۽ تيل ورتو ھو،جنھن جي ڄاڻايل رقم چار پنج لک گذريل ڪڻڪن واري ديرن ۾ ڏيڻ جي باوجود گذريل ڏينھن علي محمد ساٿين سميت گھر ۾ گھڙي 2 لک وياج جي رقم گھر ڪئي. ،جيڪا غربت سبب نه ڏيڻ ۽ اھيو چوڻ ته ڪچي ۾ ٻوڏ اچڻ ڪري فصل لڙھي ويا آھن جو ٻڌي منھنجي معصوم پٽ شديم محمد کي کنڀي کئڻڻ  جي ڪوشش ڪئي ته وياج جا 2 لک جمع  ڪرائي پٽ ڇڏائي وڃجائين ان وقت دانھون ڪرڻ تي علي محمد سخت نتيجا ڀوڳڻ ۽  ٻچا وڪرو ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي ھليو ويو،غريب ڳوٺاڻي فقير آڍو ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان گھر ڪئي ته مونکي ۽ منھنجي ٻچن کي وياج خورن کان تحفظ ڏئي بچايو وڃي.

پنهور سنهڙي ۾ نوجوان جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

پنهور سنهڙي ( ن ع آ) پنهور سنهڙي ڀرسان مانجهي پور رواسي اقليتي نوجوان روي ڪمار صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته  منهنجي سيد شفقت شاه سان ڪاروبار ۾ ڀئواري هئي جنهن ۾ مون کيس ٽي بيلنگ چيڪ ڏنا ڪاروبار ختم بعد مون مٿان فيصلي موجب ساڍ هي چار لک روپيا پيا ۽ سيد کي مدد لاء پنج لک ٻيا به رکيا وياسي مون کيس ڀري ڏنا ۽ کيس چيڪ واپس لاء چوندو رهيس منهنجو ايڪسڊنت ٿيو سال گهران نه نڪتس پر سيد شفيق شاه روڳو آسرا ڏيندو رهيو. آڄ چيڪ ڏيان ٿو صبح ان بعد گهوٽڪي رواسي غلام قادر شاهاڻي مون وٽ پهتو ته تو مونکان ٽريڪٽر پئمنٽ تي ورتا آهن 32 لک روپيا توڏي قرض  آ منهنجي اهڙي ڪيس بابت صحبتپور جي ايس پي وٽ انڪوائري هلندڙ هئي ته غلام قادر شاهاڻي سنڌ جي سرحدي پٽي واري ٿاڻي ڳڙهي حسن ٿاڻي جي ايس ايڇ او علي محمد اوڍھو کي رشوت ڏئي مون مٿان هڪ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو مان ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ٿو ڪريان ته ڳڙهي حسن جي پوليس پاران هڪ ٺڳ ۽ وياجي غلام قادر شاهاڻي کان پئيسا وٺي مون مٿان ڪيس داخل ڪيو . جنهن کي فوري طور خارج ڪيو وڃي غلام قادر مون خلاف صحبت پور ايس پي کي دراخوست ۾ پاڻ کي مانجهي پور جو رواسي ڏيکاريو هاڻي چوي ٿو بولي ڪلر ڳڙهي حسن جو رواسي آهيان  جڏهن هو اصل گهوٽڪي جو رواسي آهي ۽ هن علائقي اندر جهيڙيندڙ ڌرين جون زمينون ٺيڪن سميت هن علائقي ۾ وياج جو ڪاروبار ڪندڙ آهي مان سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿو ڪريان ڳڙهي حسن ٿاڻي جي پوليس پاران مون خلاف داخل ڪوڙو ڪيس خارج ڪيو وڃي پوليس منهنجي گهر تي بار بار ڇڙهائي پئي ڪري مان سبزي وڪڻي ٻچن جو گزرسفر ڪندو آهيان مون کي سيدشفقت شاه ۽ غلام قادر شاهاڻي جي بليڪ ميلنگ کان بچايو وڃي.

وياجين چيلهار واسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو

چيلھار ( ن ع آ ) چيلھار جي ساڃاهھ وندن چيو اسان جلد چيلھار ۾ عوامي عدالت لڳائي ھر محلي ڳوٺ ۾ وياج خلاف مھم ھلائي وياج ۾ ڦاٿل غريبن کي آزاد ڪرائينداسين ۽ سرڪاري ملازمن جون جيڪي چيڪ بنديون گروي آھن انھن جا پگھار بئنڪ مان ملازم پاڻ کڻڻ بدران وياجي کڻن ٿا جنھن ڪري بئنڪ انتظاميان کي گھرجي تي ھر ملازم جي چيڪ بندي ھر مھيني چيڪ ڪري پگھار ڪري ڏنو وڃي تي سڀ پتو پئجي ويندو ڪيترا ملازم وياج جي ڪاروبار ۾ ڦاٿل آھن ٻئي طرف بار بار نوٽيسن باوجود جڏھن وياجي ٿاڻي تي پھچن ٿا تي اتي پنھنجو حق ڄاڻائي ويتر وياج ۾ ڦاٿل کي حراس ۾ وجھي مايوس ڪري ڇڏين ٿا جنھن ڪري انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ گھرن ۾ فاقا ڪشي واري زندگي گذارين ٿا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.