جونگل لڳ ناري قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

جونگل (ن ع آ) جونگل لڳ پنج مهينا اڳ پسٽل جا فائر ڪري قتل ٿيل ناري جي ڪيس جو روپوش جوابدار گرفتار لاڪپ  حوالي کيس سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو رپورٽ موجب جونگل بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ رحمدل بنگلاڻي ۾ پنج مهينا اڳ شادي جي ڪاڄ ۾ وڃڻ جي ضد تي قتل ٿيل شادي شده نوجوان ناري مسمات روبنيه بنگلاڻي جي قتل جي ڪيس جو روپوش جوابدار نيڪ محمد پٽ دوست علي بنگلاڻي کي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او انيس شيخ ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو ان حوالي سان پوليس جو چوڻ هو ته جوبدار پنج مهينا اڳ پسٽل جا فائر ڪري قتل ٿيل ناري مسمات روبينه بنگلاڻي جي قتل ۾ ملوث هو کين ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪيو ۽ جوابدار کي اربع تي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.