شڪارپور پوليس جون ڪارروايون، 3 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

شڪارپور (ڊ ر) ايس ايڇ او مدئجي بمعه اسٽاف سان گڏجي گشت دوران خفيه و جاسوسي اطلاع تي ڳوٺ ڇتو منگي لنڪ روڊ  ڪئنال لڳ ڳوٺ جعفر خان مگسي تي ڪامياب ڪارروائي ڪري هڪ ڪيس ۾ گهربل وجاهت علي  منگي ۽ اياز علي   شاھ کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان 2 ٽي ٽي پسٽل 9 گوليون ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪري موثرسائيڪل جي خلاف 550 جي ڪارروائي ڪري ڇڏي آهي غير قانوني اسلحو رکڻ تي سنڌ آرمس ايڪٽ جي تحت ڪيسَ داخل ڪري ڇڏيا آهن . ٻئي طرف ايس ايڇ او نبي شاھ وڳڻ پوليس پارٽيءَ سان گڏجي دوران گشت بغدار لاڙي تي ڪارروائي ڪري گٽڪي ۽ پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار اشتهاري زوار   سيلرو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.