ڏهرڪي لڳ جهيڙيندڙ ڌرين ۾ تڪرار تيز، فائرنگ

ڏهرڪي (ت ر) ڏهرڪي ويجهو کينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ اسماعيل ڪوري ۾ لنڊ ۽ ڪوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي  خوني تڪرار تان ٻنهي ڌرين ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي جنهن بعد گذريل رات دير هٿياربندن پاران ريڻي ڪينال جي فسٽ ھيڊ ريگيوليٽر تي ڪوري برادري جي چڱي مڙس مزاري مٿان حملو ڪري ڏنو جنهن بعد ڪوري برادري جي چڱي مڙس تي حملي جي اطلاع تي ڪوري برادري جي هٿياربندن جي پهچڻ تي ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا . جنهن جي ڪري ڪوري برادري جو چڱو مڙس مزاري ڪوري معجزاڻي طور محفوظ رھيو.ٻنهي ڌرين جي ماڻهن پاران مسلسل ٽن ڪلاڪن تائين هڪ ٻي مٿان ڪيل هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ علائقي ۾ خوف ۽ حراص ڇائنجي ويو جنهن بعد ٻنهي ڌرين ۾ پيد ٿيل ڇڪتاڻ جي اطلاع  کينهجو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ بند ڪرائي واقعي تان گولين جا خول هٿ ڪيا ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او کينجھو ربنواز راڄپر ٻڌايو ته لنڊ ۽ ڪوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان لنڊ برادري جي ماڻهن پاران ڪوري برادري جي چڱي مڙس مزاري ڪوري مٿان حملو ڪيو جيڪو معجزاڻي طور محفوظ رهيو آهي جنهن بعد ٻنهي ڌرين ۾ ٿيل هوائي فائرنگ جي اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي ڌرين ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ تي ضابطو آندو آهي.

ميهڙ ۾ قتل ٿيل ٽيڪسي ڊرائيور جا قاتل گرفتار نه ٿيا، احتجاج

ميهڙ (رپورٽ جميل) ٻه مهينه اڳ ميهڙ گل ڪالوني جو رهواسي ٽيڪسي ڊرائيور نظر حسين ٻگهيو مٿان خنجرن جا وار ڪري زخمي  ڪيو ويو هو، جيڪو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن جو ڪيس 6 جوابدارن مک جوابدار طالب حسين ٻگهيو ۽ ذوالفقار علي سڪندر، روشن، خالد ۔منظور ٻگهيو مٿان داخل ڪئي وئي هئي جڏهن ته وارثن جي سخت احتجاج کانپوءِ  روشن ٻگهيو ۽ خالد ٻگهيو ٿاڻي تي پهچي پنهنجي گرفتاري پيش ڪئي هئي باقي 4 جوابدار طالب حسين، ذوالفقار۔سڪندر،  منظور ٻگهيو فرار ٿي ويا . جڏهن ته قتل ٿيل نظر حسين ٻگهيو جي پيرسن والدمحمد بخش ۽ سندس جي ڀائرن مظھرحسين اطهرحسين ٻگهيو نيشنل پريس ڪلب پهچي صحافين اڳيان دانهون ڪندي ٻڌايو ته ميهڙ پوليس مقتول جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاء قاتلن جي سھولتڪار بڻيل  آهي، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي.

خانپور مهر ۾ حددخلين خلاف آپريشن، دڪاندارن تي ڏنڊ

خانپور مهر (ن ع آ) اي سي خانڳڙه عديل سوهو ٽائون ڪميٽي خانڳڙھ جي چارج وٺڻ بعد ٽي ايم اي عملي شبير احمد مھر ۽ٻين سان  گڏجي شهر جي شاهي بازار. مين روڊ. ٺڪراٺو اسٽاپ. شاهي بازار. سميت ٻين علائقن ۾ دورو ڪري حد دخليون هٽائيون ۽دڪاندارن تي وڌيڪ اگھه وٺندڙ مٿان ڏنڊ وڌو. جڏهن مختلف علائقن مان صفائي عملي کي سان ڪرائي مختلف علائقن مان گندي هٽرائي ڇڏيو. ان حوالي سان اي سي خانڳڙھ عديل سوهو ٻڌايو ته شهر ۾ حددخلين رکندڙ دڪانن اڳيان حددخلين هٽايو ويو آهن.  ۽دڪاندارن کي وارننگ ڏني آهي ته ڪنهن به قسم جي ناجائز اڏاوتون ۽قبضا ڪيا ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته شهر ۾ وڌيڪ اگھ وٺندڙ سبزي فروش. ڪريانه دڪاندارن تي وڌيڪ اگھ وٺڻ تي ڏنڊ پڻ وڌا آهن ۽مختلف علائقن ۾ صفائي مهم شروع ڪئي وئي آهي

جيڪب آباد ۾ بدامني خلاف علامتي بک هڙتال

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد ۾ شهرين پاران وڌندڙ بدامني خلاف نائين ڏينهن به پريس ڪلب  آڏو پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ٻه ڪلاڪ علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي شعبان ابڙو ، قلندربخش چانڊيو ، ظهور مائري، شاهد جوادي، نجيب لھڙي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جيڪب آباد شهر ۾ بدامني ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي شهر مان روزانو چاٻي چور موٽرسائيڪلون چوري ڪري وڃن ٿا ۽ گهرن جي ڇتين کي کاٽ هڻي يا وري گهرن جا تالا توڙي نامعلوم چور گهرن جو قيمتي سامان چوري ڪري وڃن ٿا جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. . هنن چيو ته شهر مان وڏي انگ ۾ موٽرسائيڪلن جي چوري ٿي ويون آهن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو جنهنڪري ڪيترن ئي ماڻهن نيون موٽر سائيڪلون وٺڻ ئي ڇڏي ڏنيون آهن. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن چورن جي گروه کي گرفتار ڪري شهرين جي ٿيل چورين جو ازالو نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ٽنڊي الهيار ۾ جميعت علماءَ اسلام ف طرفان ملن مارچ

ٽنڊوالهيار (ڊ ر)جميعت علماءَ اسلام (ف) جي طرفان ملن مارچ – ڪلام پاڪ جي بي حرمتي .صحابه ڪرام جي شان ۾ ٿيندڙ  گستاخي خلاف ريلي ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي صوبي سنڌ جي صدر مولانا راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته اسان جنهن طرح ملڪ جي حفاظت ڪريون پيا اهڙي طرح صحابه ڪرام جي شان ۾ ٿيدڙ گستاخي ڪنهن به صورت م برداشت نه ڪنداسين جيڪو به صحابه ڪرام جي شان ۾ گستاخي ڪري انهن خلاف سخت ڪاروائي ٿيڻ گهرجي.   اسان جو ملڪ ڪلمه طيبه  جي بنياد تي آزاد ٿيو پر هن وقت کان وٺي اسان کي صرف لولي پاپ ملي رهيو آھي عوام کي روٽي ڪپڙا اور مڪان جو لولي پاپ ڏنو ويو پر عوام کي نه روٽي ملي نه ڪپڙو ۽ نه ئي مڪان مليو جنهن به عوام کي وري قرض لاهيو ملڪ سنواريو جو نعرو ڏنو ويو خانصاحب هڪ لک نوڪرين ڏيڻ ۽ڪنهن کان قرض نه وٺڻ جو وچن ڪيو پر خانصاحب ٻن سالن ۾ ڇهه هزار ارب ڊالرن جو قرض کنيو هو چوي ٿو ته ٻين ملڪن جا ماڻھو هتي اچي ڪاروبار ڪندا ڪير ڪندو تاجر اڳ م ئي پريشان آھين هن چيو ته ڪجهه عناصر  محرم الحرام جي جي ڏينهن م شيعه سني فساد .ربيع الاول جي مهيني م بريلوي .ديوبندي فساد ڪرائڻ چاهين ٿا پر اسان محبت ڪندڙ انسان آھيون جن هميشه محبتن جو درس ڏنو آھي ان موقعي تي ڪارڪنن جي وڏي تعداد موجود هئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.