سکر پوليس جي سنگين ڏوهن ۾ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سکر( رپورٽر)  ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون دعويٰ ڪئي آهي ته آباد پوليس ڪاروائي دوران سنگين ڪيسن ۾ روپوش  اشتهاري ڏوهاري صلاح شر کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو آهي. جوابدار صلاح شر خلاف قتل ۽ هٿيار رکڻ جھڙا سنگين ڪيس داخل آهن.

مٺي ۾ فريادي مٿان تشدد ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي ڏنڊ جي سزا

مٺي(بيوروچيف)ننگرپارڪر جي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ارشاد علي خاصخيلي جي عدالت فريادي عنايت علي چانڊيو  کي تشدد ڪري زخمي ڪرڻ وارو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي ڏنڊ جي سزا ٻدائي ڇڏي،ڏانوداندل ٿاڻي تي 6 جوابدارن غلام قادر،عبدالخالق،خادم حسين،وزيرعلي،نياز احمد ۽ غلام الله تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو،جڏهن ته غلام قادر ۽ خادم حسين تي  فريادي عنايت کي مارڪٽ ۽ تشدد ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي سزا ٻدائي وئي آهي،سزا ۾ ڏنڊ هڪ لک اٺٽيھ هزار اٺ سو اٺهٽ رپيا آهي،جيڪو ڄاڻايل ٻن جوابدارن تي لاڳو ٿيو آهي، جنهن ۾ في جوابدار تي اوڻهتر هزار چارسو چوٽيھ رپيا آهي.   10 هزار رپيا دمن  ٻنهي جوابدارن تي لڳايو ويو آهي.

قمبر ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي جنم ٽيپ

قمبر (ڊ ر)  قمبر جي ماڊل ڪورٽ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن نور حسين گوپانگ ۽ غلام عمر گوپانگ کي عمر قيد ۽ 15  15 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج غلام قادر تنيو 6 مهينا اڳ قتل ٿي ويل عبدالوهاب عرف امان الله گوپانگ جو قتل ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن نورحسين گوپانگ ۽ غلام عمر گوپانگ کي عمر قيد سميت 15 15 لک مجموعي30لک روپين ڏنڊ ۽ سزا ٻڌائي ڇڏي.

لاڙڪاڻي ۾ اٽي چڪي مالڪ کان 5 لک ڦر

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد علي گوهر آباد پاڙي مان  گذريل ڏينهن ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن اٽي جي چڪي جي مالڪ ساجد ديدڙ کان ساڍا پنج لک روپيه روڪ رقم ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي تفصيل وٺي ۽ شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي متاثر واپاري ساجد ديدڙ ٻڌايو ته مون کي پنهنجي اٽي جو چڪي آهي جتي روزگار ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو آهيان اڄ اٽي جي چڪي جا پئسا کڻي گهر پئي ويس ته گهٽي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن رستو روڪي هٿيارن جي زور تي ساڍا پنج لک روپيا ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا اطلاع تي پوليس پهچي معلومات ورتي پر ڦورن جو پتو نه لڳائي سگهي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڦر ۾ ملوث ڦورن کي گرفتار ڪري پئسا واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.