ميرپور ساڪري ۾ چوريون ۽ منشيات فروشي ختم نه ٿي، پوليس ننڊ  

ميرپور ساڪرو (ن ع آ) ميرپور ساڪري مان امن جو پکي اڏامي ويو ميرپور ساڪري ۽ آس  اس ۾ ھر روز چورين ۽ ڦر جي وارداتن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي  ٻاھرين علائقن کان ايندڙ ڏوھاري قسم جي ماڻهن ساڪري ۾ ديرو ڄمائي ورتو، ھر رات موٽر سائيڪل دڪانن چوپايو  مال توڙي ٻين شين جي چوري ۽ ڦر  جاري آهي، پر پوليس ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو،  ان حوالي سان شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن  سيد امير شاھ بدر دين بلوچ رحمت الله شڪيل احمد بلوچ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ امن قائم ڪرائي منشيات جو وڪرو بند ڪرايو وڃي.

ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني،  ميڊيڪل اسٽور تان هٿياربندن جي ڦر

ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌ ڪوٽ شهر جي  اعواڻ  مارڪيٽ لڳ بازار ۾  ڏينهن ڏٺي جو ٻه موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪئلاش  ڪمار ، ساگر ڪمار جي ميڊيڪل اسٽور ۾  داخل ٿئي ٽي ٽي پسٽل ڏيکاري    اٽڪل هڪ لک روپيا، سوني منڊي ، موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.