لاڙڪاڻي جي کنڀيل 6 ڄڻن جي آزادي خواب بڻيل، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل 3 نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان هٿن ۾ بينر کڻي ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ضياءُ الدين مغيري، عبدالڪريم ٽڳڙ، عبداللطيف سولنگي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيو ته  اسين لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان گذريل جون مهيني کان مسلسل احتجاج ڪندا پيا اچون پر هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. هنن چيو ته اسٽيٽ لائيف جي ملازم غلام مرتضيٰ سولنگي کي لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي مان 22 نومبر 2017ع تي، پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ کي شهر جي ايوب ڪالوني مان 3 آگسٽ 2018ع تي ۽ ڪراچي ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي ملازمت ڪندڙ غلام عمر مغيري کي لاڙڪاڻي شهر جي خالق ڪالوني مان 26 نومبر 2019ع تي کنڀي گم ڪيو ويو جن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته اسان جي نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ گهرن ۾ پريشاني واري صورتحال ڇانيل آهي، جڏهن ته سندن جون امڙيون ۽ معصوم ٻچڙا پنهنجي پيارن کي روئي ياد ڪندا رهن، جيڪو وقت گهر ۾ انتهائي ڏکائيندڙ هوندو آهي. هنن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي پيارن جي آزاديءَ لاءِ جوڳا قدم کڻي کين جلد کان جلد آزادي ڪرائي گهر ڀاتين سان انصاف ڪيو وڃي.

 اغوا جو ڪيس ختم ڪرڻ واري پٽيشن رد، جوابدار سالي کي ڇڏي فرار

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ، زال کي طلاق ڏئي سالي سان شادي ڪندڙ ھمراھ خلاف داخل اغوا جو ڪيس ختم ڪرڻ واري پٽيشن رد ڪري ڇڏي، جنھن تي ھو پنهنجي سالي کي عدالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو، عدالت ناري کي سندس درخواست تي دارالامان اماڻي ڇڏيو. دادو جي شجاع آباد پاڙي جو رھواسي خالد حسين پنھنجي زال بلقيس کي طلاق ڏيڻ بعد ننڍي سالي اريج مستوئي کي وٺي وڃي ان سان شادي ڪري ڇڏي، جنھن تي دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ناري جي ڀاءُ جي فرياد تي خالد خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ان معاملي تي تحفظ ڏيڻ ۽ ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ اريج ۽ سندس مڙس خالد حسين، سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪرائي،  ڪالھ پٽيشن جي شنوائي تي جوڙو ۽ پٽيشن ۾ ڌر بڻايل ناري جا ٻه ڀائر، ھڪ سوٽ، دادو ۽ حيدرآباد پوليس جا نمائندا عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اغوا ڪيس ختم ڪرڻ واري پٽيشنر جي استدعا رد ڪندي ڪيس جي جاچ آفيسر کي، مسمات اريج جو 161 وارو بيان ريڪارڊ ڪري ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت جي اھڙي حڪم تي سالي سان شادي ڪندڙ خالد حسين، گرفتاري جي خوف کان عدالت مان ڀڄي ويو، مڙس جي ڀڄي وڃڻ تي گھران نڪري ڀيڻيوي سان شادي ڪندڙ ناري اريج روئي ويٺي، معاملي جي خبر پوڻ تي عدالت ۾ مقرر پوليس اهلڪارن ناري کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، بعد ۾ پوليس ناري کي ساڳي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ناري درخواست ڏني ته کيس دارالامان موڪليو وڃي ڇو ته عدالت جي حڪمن کانپوءِ مڙس کيس ڇڏي فرار ٿي ويو آھي، ھو مڙس سان ئي گڏ ويندي، والدين وٽ ھو وڃڻ نه ٿي چاھي ڇو ته انھن مان جان جو خطرو آھي، عدالت ناري جي اھڙي درخواست تي ھن کي دارالامان اماڻيندي انتظاميا کي حڪم ڏنو ته اريج کي پھرين آڪٽوبر تي ٻيھر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت جي حڪم تي پوليس، ناري کي دارالامان منتقل ڪري ڇڏيو.

 غوثپور ڀرسان پوليس مغوي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام

غوثپور (ن ع آ) غوثپور ويجھو اغوا ٿيل مغوي بازياب نه ٿيا، جنهن سبب مغوين جا وارث سخت پريشان آهن، ان حوالي سان پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، مغوين جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوجوان ڌاڙيلن وٽ /ڏسو صفحو 2 ڪالم 1    قيد آهن، پر پوليس سندن جي بازيابي لاءِ ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اغوا ٿيل بازياب ڪرايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.