پنو عاقل مان بدين واسي جو لاش هٿ، پيءُ کي قتل جو شڪ

بدين ( رپورٽ:  رازقڏنوکوسو ) بدين ڀرسان يوسي قاضيه واھ جي ڳوٺ شيرخان چانگ جي رھواسي 30  ورهين جي پنھون پٽ ھاشم چانگ جو لاش پنو عاقل جي ڪچي جي علائقي سنڌو دريا۽ وٽ مليو، لاش  تعلقي اسپتال پنو عاقل آندو ويو، ميڊيا ۾ خبرون لڳڻ بعد وارثن کي خبر پئي، لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، ان موقعي تي نوجوان جي پيءُ ۽ چاچي ميڊيا کي ٻڌايو ته برادري جي ماڻھن سان ڪيس ھلندڙ ھو جنھن جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ پنھون 14 تاريخ تي حيدرآباد ھا۽ ڪورٽ ويو، جنھن بعد سندس نمبر بند مليو، ھُن چيو ته اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي، ھن مطالبو ڪيو ته پنھون جي قتل جي جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف مڙھ کي پنو عاقل مان آڻي درگاھ شاھ قادري بدين م مٽي ما۽ حوالي ڪيو پي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.