ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ۾ جهيڙو، ٻه زخمي

راڌڻ ( ن ع آ ) ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪنڊيور ۾ ٻليدائي ۽ جانورين  ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٻنهي ڌرين جو هڪ ٻئي  مٿان ڏنڊن ۽سروٽن ڪهاڙين جو آزدانه استمال،  نتيجي ۾ٻنهي ڌرين ڏانهن  جا ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾  فداحسين جانوري ۽ اعجازعلي ٻليدائي شامل آهن ٻنهي زخمين جي وارثن ٿرڙي محبت ٿاڻي تي کڻائي آيا جن کي علاج لاءِ ليٽرڏيارڻ بعد تعلقي اسپتال ميهڙ کڻي ويا.   جڏهن ته زخمين ۾ فداحسين جانوري جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، ٿرڙي محبت پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ مائٽ آهن، جن جو هڪ ٻئي سان مٽئي مائٽي  ٿيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.