پني عاقل ۾ وحشي جوابدار جي نينگر سان بدفعلي

پنوعاقل )ن ع آ)پنوعاقل لڳ معصوم ٻالڪ سان بدفعلي نينگر بھوش جوابدار فرار،پنوعاقل ٿاڻي تي ڪيس داخل،خبرموجب  ؛شھر جي بشيرآباد پاڙي ۾ رھندڙ سونو ولد خان بھادر چوھاڻ عمر 11 سال کي پاڙي جو اڪبر ولد لعل بخش چوھاڻ عمر 25 سال ورگلائي بچو ڳوٺ لڳ جور جي فصل ۾ کڻي بدفعلي ڪئي ته ھو بھوش ٿي ويو،جنھن کي ڪجھ ٽائيم بعد پاڙي وارن جي اطلاع تي نينگر جا وارث کڻائي تعلقه اسپتال پھچايو،ھوڏانھون  نينگر جي ڏاڏي مائي زرينا جي فرياد تي جوابدار اڪبر چوھاڻ مٿان ايف آءِ آر نمبر 140  داخل ڪئي وئي آھي،جڏھن ته پوليس زاني جوابدار کان ڏوڪڙ وٺي گرفتار نه ڪري سگھي ۽ ھو سرعام  بشيرآباد پاڙي ۾ گھمندو رھي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.