قمبر ۾ عوامي تحريڪ جو سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاج

قمبر (ڊ ر) قمبر ۾ عوامي تحريڪ پاران مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪر يٽري ساجد مهيسر، جوائنٽ سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ماه نور  ملاح ,رابطه  مھراڻ سنڌي,محمد رفيع لغاري,حبيبان نوناري,ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊئي، عاطف ملاح علي حسن وڪي, مھوش نواز نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي ڪميٽي برسات ۽ ٻوڏ متاثر جي واهر نه ڪرڻ زمينن تي قبضن سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سخت نعري بازي،   ان موقعي اڳوڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صدين کان قائم آهي ۽ تاريخي طور ان جا حقيقي وارث سنڌي آهن،  اڳواڻن تنبيهه ڪندي چيو ته جيڪو سنڌ تي قبضي جي سوچ دماغ ۾ پالي رکي ٿو تن کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌي قوم ڪيترن جا دماغ ٺيڪ ڪري ڇڏيا آهن، هنن چيو ته ڪراچي ڪميٽي  کي رد ڪريون ٿا، ڪراچي کي ڪير به سنڌ کان ڌار نه ٿو ڪري سگهي، اڳواڻن چيو ته سنڌ خلاف سازشون بند ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.