ڪوٽڏيجي ۾ بدامني، هڪ رات ۾ 2 چوريون، پوليس ستل، متاثرن جو احتجاج

ڪوٽڏيجي ( رپورٽ: ثناءُ الله بگٽي ) ڪوٽڏيجي ۾ بدامني جي باھ ٻيهر ڀڙڪي اٿئي چوري ۽ ڦورون روز جو معمول بڻيل ڳوٺاڻا راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور گذريل رات دير سان ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ رند  حاجاڻو ۾  نامعلوم چور ڀت ٽپي پورهيت سجاد علي حاجاڻو جي گھر ۾ داخل ٿي 3 تولا سونا زيور هڪ لک روڪ رقم ۽ قيمتي سامان کڻي آساني سان فرار جڏهن ته ساڳي ڳوٺ ۾  پورھيت غوث بخش رند جي گھر ۾ نامعلوم چور گهر کي کاٽ ھڻي گھر ۾ پيل قيمتي سامان ۽ 10 عدد سبيل اڻ سبيل ڪپڙا 10 هزار رپيا روڪ رقم  کڻي آساني سان فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن جو  غوث بخش رند جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان جي علائقي ۾ چورن جو آزار وڌي ويو آهي.  چورن اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي هڪ ئي رات ۾ نامعلوم چورن اسان جي گھر مان لکين رپيا روڪ رقم سونا زيور سبيل اڻ سبيل ڪپڙا ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي آساني سان فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته اھڙو اطلاع ڪوٽڏيجي پوليس کي ڏيڻ باوجود ڪوٽڏيجي پوليس واقعي واري هنڌ ناهي پھتي هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڪوٽڏيجي ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي چورن ۽ ڦورن کي گرفتار ڪري اسان جي گهرن مان ٿيل چوري واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.