پيرڳوٺ لڳ پوليس ڪارروائي، چوري ٿيل 3 موٽر سائيڪلون هٿ

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ ) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ دوست محمد ابڙو ۾ ايس ايڇ او پيرجوڳوٺ امير علي ڇانگ، صلاح الدين مڱڻيجو، تنوير  مھيسر ۽ ٻين پوليس نفري ساڻ ڪري اسد الله ابڙو جي گهر تي رات جو ڇاپو هڻي ڦر ڪيل 3 موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا، ڦر ڪيل موٽرسائيڪلون پوليس متاثرن رسول بخش سولنگي، ظفر ڏنور ۽ ٻين کي ڏئي ڇڏيون ان موقعي تي ڄاڻايل ايس ايڇ او امير علي چانگ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل 3 ڏينهن کان موٽرسائيڪل ڦرڻ جا واقعا وڌي ويا، ڳجھي اطلاع تي ڄاڻايل ڳوٺ تي ڇاپو هڻي موٽرسائيڪلون هٿ ڪري متاثرن کي ڏئي ڇڏيون آھن ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رھيا آھيون پر ڪابه گرفتاري نه ڪئي وئي آھي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.