سوڀو ديرو جي پيٽرول پمپ تان چوري، چار ملازم گرفتار

سوڀوديرو ( ن ع آ ) سوڀوديرو ڀاڳت پئٽرول پمپ تان ساڍا چار لک رپيا الماڙي جي لاڪر مان چوري اطلاع تي سوڀوديرو پوليس  پھچي جاءِ وارڌات جو معائنو ڪيو ۽ پمپ تي ڊيوٽي ڪندڙ چئن ملازمن منشي شاھد دربان ۔ھيلپر طارق سومرو ھيلپر سھيل سھتو ۽ چوڪيدار وزيرحسين ڀاڳت کي پنھنجي تحويل ۾ ورتو پمپ مالڪ صاحب خان ڀاڳت ٻڌايو ته الماڙي جو لاڪر چاٻي سان کولي نقد رقم ساڍا چار لک رپيا چورايا ويا آھن،  الماڙي جي لاڪر جي چاٻي منشي شاھد دربان وٽ ھوندي آھي نه ڦر ٿي نه وري ڇت ڀڳي سڄي رات چوڪيدار موجود ھوندو آھي، منھنجي چوري ۾ پمپ عملو ملوث آھي، مون وڏي ڪوشش ڪئي ته پمپ ملازم ڪيل چوري واپس ڪن پر ملازمن سچائي نه ڪئي مجبورن ملازمن کي پوليس حوالي ڪيو آھي مان ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيان ٿو ته مون کي چوري واپس ڪرائي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.