ماٿيلي ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو

ميرپور ماٿيلو (ن ع آ) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ ابل ڳڙھي ۾ چار مھينا اڳ قتل ٿيل نوجوان جا قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا، ان سلسلي ۾ نوجوان جي وارثن جو ميرپور ماٿيلو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڀٽائي چوڪ تي نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي نوجوان جي وارثن حاڪم خان بوزدار، منير خان، رب بخش، منظور، علي خان بوزدار ميڊيا آڏو اُڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي چيو ته موجب جروار لڳ ڳوٺ ابل ڳڙھي ۾ چار مھينا اڳ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن احتجاج ڪندي چيو آھي تہ اسان جي ڀاءِ کي نامعلوم ماڻھن بيدري سان قتل ڪري ڪنڊير شاخ ۾ لوڙهيو ويو آهي، جروار پوليس پاران لاش ڪنڊير شاخ مان ڪڍي بنا پوسٽ مارٽم جي سندس لاش کي لاوارث ڄاڻائي دفنايو ويو ھو، جڏهن اسان ڪورٽ سڳوري کي قبر ڪشائي جي درخواست ڏني هئي ۽ قبر ڪشائي بعد ڊاڪٽرن پاران پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته نوجوان کي تشدد ڪري پوءِ پاڻي ۾ لوڙهيو ويو هيو، هنن چيو ته جروار پوليس نوجوان نبي بخش بوزدار جا قاتل گرفتار ڪرڻ بدران خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ هلائينداسون…

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.