ايس او پيز تحت تعليمي ادارن کي کولڻ جو تجربو

ايڊيٽوريل

ڪورونا وائرس سبب ڪيل لاڪ ڊائون ۾ سڄي دنيا جو وهنوار هڪ ئي وقت بند ٿيڻ 21 هين صديءَ جو يقيني طور هيل تائين جو سڀ کان پهريون وڏو سانحو آهي. جيتوڻيڪ ان حوالي سان سڀ کان وڏو ڪاپاري ڌڪ معيشت تي لڳل ٿو ڀائنجي پر تعليم جي اهميت کان واقف ماڻهو سڀ کان وڏو نقصان تعليم جي بند ٿيڻ کي سمجهن ٿا. جيتوڻيڪ وچ ۾ آن لائين ڪلاس هلائڻ جو به تجربو ڪيو ويو هو پر اهو تجربو ڪامياب ته ڇا رهندو شاگردن ۽ انهن جي والدين لاءِ عذاب ثابت ٿيو  ڇاڪاڻ ته آن لائين ڪلاسز لاءِ گهر جي سڀني ٻارن کي الڳ موبائيل سيٽ جو هجڻ ۽ مٿان نيٽ جا الڳ مسئلا، خاص ڪري غريب ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ شاگردن لاءِ ناممڪن قسم جا طريقا هيا.

تعليمي ادارا به آخر ڪيستائين بند رکجن ها، تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ استادن ۽ عملي جون پگهارون يعني روزگار به ان سان سلهاڙيل هو. حڪومت لاءِ به اهو وڏو امتحان هو ته جيڪڏهن اُها ڪورونا وائرس وقت تعليمي ادارا کولڻ جي غلطي ڪري ها ته تاريخ ۾ ڪڏهن به سندن غلطي کي نظرانداز نه ڪجي ها ۽ جيڪڏهن اها لاڳيتو تعليمي ادارا بند پئي رکي ته تڏهن به مٿس تنقيدن جي بوڇاڙ ٿيڻي هئي.

هاڻي جڏهن حڪومت ملڪ اندر 15 سيپٽمبر کان  ٽن مرحلن ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت پهرئين مرحلي ۾ نائين کان ڏهين ڪلاس، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کلي ويون آهن، تڏهن به سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان عمل تي دل کولي خوشيءَ جو اظهار ڪجي، ان جي آجيان ڪجي يا ڳڻتيءَ جو شڪار ٿجي. ڇاڪاڻ ته ڪورونا وائرس مڪمل طور تي اڃان ملڪ مان ختم ناهي ٿيو، سنڌ ۾ ته اهي به رپورٽون آهن ته ڪورونا جا ڪيس وري وڌڻ لڳا آهن. ان صورت ۾ پاڻ حڪومت جي ان اعلان تي ڪيترو اطمينان ڪيون، ڪيتري دلجاءِ ڪيون ته شاگرد اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڪورونا وائرس کان محفوط رهندا ۽ حڪومت مڪمل طور تي ايس او پيز تي عمل ڪرائي سگهندي.

ان المئي تي ڇا چئجي ته اڄ جي دور ۾ حڪومتن، انتظاميا توڙي ادارن تي به ويساهه ناهي رهيو، انهن مان ”نه سڄڻن کي آسرو نه ئي دشمنن کي ڪنهن ڀئُه“ واري ڪار آهي. اسان کي ته حڪومت جي ان اعلان تي به شڪ آهي ته ڪو ملڪ مان ڪورونا وائرس جا ڪيس واقعي به ان حد تائين گهٽجي ويا آهن جو عوامي ميڙاڪن وارن عملن کي اجازت ڏجي. وري جيستائين ايس او پيز تي عمل جو معاملو آهي ته هتان جي ماڻهن کي وري اهڙي ڪنهن به ڊسيپلين ۾ زندگي گهارڻ جو به تجربو ناهي، ٻيو ته ڇڏيو جن ادارن تي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي ذميواري وڌل آهي اهي به ان قسم جي ڊسپيلين کان وانجهيل رهيا آهن.

رپورٽن موجب آن ريڪارڊ سنڌ حڪومت اسڪولن جي مانيٽرنگ لاءِ ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ مانيٽرنگ ڪاميٽيون ته ٺاهي ڇڏيون آهن جيڪي اسڪول انتظاميا سان ڪورونا جي ٽيسٽن ۽ ايس او پيز جي حوالي سان سهڪار ڪنديون ۽ حڪومت جي ڏنل ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ جي حوالي سان نگراني پڻ ڪنديون. چيف سيڪريٽري سنڌ پاران ستن مهينن کانپوءِ کليل  تعليمي ادارن جي مانيٽرنگ لاءِ ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ ڪاميٽيون ٺاهي ڇڏيون آهن جن ۾ ڊي اي اوز، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر، چيف مانيٽرنگ آفيسر سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر ميمبر طور شامل ڪيا ويا آهن. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اهي مانيٽرنگ ڪاميٽيون ڪيئن ٿيون حڪومت جي ڏنل ايس او پيز تي عمل ڪرائين ۽ پهرئين مرحلي ۾ اهي پاڻ ڪيئن ٿيون ان امتحان ۾ پاس ٿين. پهرئين مرحلي ۾ سيپٽمبر 15 کان جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته نائين ڏهين ڪلاسز، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي ايس او پيز تحت کولڻ جو تجربو ڪيو ويو آهي، ٻئي مرحلي ۾ ڇهين کان اٺين جي ڪلاسن کي کوليو ويندو جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ پهرئين کان پنجين ڪلاس کي کولڻ جو تجربو ڪيو ويندو.

ان حساب سان ڏسجي ته اسان سڀني جي يقيني طور تي اها دلي تمنا آهي ته اهو ايس او پيز تحت تعليمي ادارن کي کولڻ جو تجربو ڪامياب ٿئي ۽ تعليمي ادارن ۾ حقيقي معنيٰ ۾ انتظاميا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ واري امتحان ۾ پاس ٿئي ته جيئن شاگرد بنا ڪنهن کٽڪي جي تعليم پرائي سگهن ۽ سندن والدين بنا ڪنهن ڳڻتيءَ جي کين اسڪول موڪلي سگهن. پر افسوس ته حڪومت ۽ انتظاميا جي دلاسن تي پاڻ کي ڪو اعتبار ناهي، نه ئي اسانجي تعليمي ادارن جو معيار ڪو اطمينان جوڳو رهيو آهي.

اسان جنهن سماج اندر رهون ٿا تنهن جي چپي چپي تي موت جا کڏا آهن جن ۾ ڪرڻ جا سئو سيڪڙو خطرا آهن ۽ بچڻ وارن لاءِ معجزا آهن. اهڙن معجزن وارن سماجن ۾ ٻارن ٻچن سان جيئڻ به ڪنهن جوکم کان گهٽ ناهي. اها بظاهر نراسائي آهي پر حقيقت کان منهن موڙ به دانشمندي ناهي. حقيقت جي اکين ۾ بهرحال اکيون وجهڻيون پونديون. جڏهن حقيقت کي تسليم ڪبو تڏهن ئي انهن کي منهن ڏيڻ جا انتظام ڪري سگهبا. خدا ڪري ته ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي گهٽجڻ جو اعلان به غلط نه هجي، نه ئي ايس او پيز تي عمل ڪرائي تعليمي ادارا کولڻ وارو فيصلو هوائي لفاظي تي ٻڌل هجي. اميد ته اسڪول جي انتظاميا ڪورونا وائرس جي نزاڪت کي ڏسندي شاگردن سان پنهنجن ٻچن وارو ورتاءُ ڪندي ۽ سندن پڙهائيءَ دوران پوري ڪوشش ڪندي ته شاگردن کي ڪورونا جي بيماريءَ کان محفوظ رکجي، کين ماسڪ پارائڻ جو انتظام ڪجي، هر هر هٿ ڌورائجن، ٻارن کي فاصلي تي رکجي خاص ڪري انهن ٻارن کان جيڪي زڪام، يا کنگهه ۾ ورتل هجن.

حڪومتون چاهين ته ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ بابت هر قسم جو بندوبست ڪري سگهن ٿيون، بشرط سندن اوليت اها هجي سو، ايس او پيز تحت تعليمي ادارا ته کلي ويا آهن پر ڏسڻو اهو آهي ته ان تي عمل ڪيئن ٿو ڪرائجي. اسانجو خيال آهي ته ان معاملي ۾ اسڪولن کي ٿاڻو بڻائڻ کان پاسو ڪندي شاگرد دوست، ماحول پيدا  ڪيو وڃي جيڪو ئي ڪاميابي جي ضمانت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.