مزدور اڳواڻ شهيد عثمان غني

حبيب الدين جنيدي

هڪ دور هيو جو پاڪستان ۾ بينڪنگ انڊسٽري جون ٽريڊ يونينز ملڪ ۾ مزدور تحريڪ جو هر اول جٿو هيون. نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ شروع ڪيل نجڪاري، ڊائون سائزنگ ۽ چانٽين انهن ٽريڊ يونينز جو زور ٽوڙڻ ۽ ملازمن کي بي يارو مددگار ڪرڻ جي لاءِ ان تي حملا ڪيا. بينڪن جي ٽريڊ يونينز کي ڀت سان لڳائڻ وارن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ مزدور دشمن قانون سازيون انهيءَ دور ۾ ڪيون ويون، جنهن ۾ بينڪنگ ڪمپنيز آرڊيننس مجريه 1962 جي شق B27 آهي جنهن ان صنعت جي ٽريڊ يونين جي لاءِ زهر وارو ڪم ڪيو. نواز شريف حڪومتي دور ۾ پنهنجي انجام کي پهچايو پر ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل پرويز مشرف جي امپورٽيڊ وزير اعظم شوڪت ترين به اِهو سلسلو جاري رکيو. ان زماني ۾ بينڪنگ انڊسٽري جي ليبر يونينز کي اِهو فخر حاصل آهي ته هن ڪيترا ئي ناليوارا مزدور اڳواڻ هن ملڪ کي ڏنا جنهن ۾ پهرين نمبر تي سنڌ جي موجوده محنت واري وزير جي پيءُ محترم شهيد عثمان غني جو نالو اچي ٿو.

شهيد عثمان غني 1970ع واري ڏهاڪي ۾ مسلم ڪمرشل بينڪ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. هو 1948ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو هو جڏهن ته ميٽرڪ NVJ هاءِ اسڪول ۽ گريجويشن ڪراچي يونيورسٽي مان ڪئي هئي. هو هڪ پڙهيل لکيل باڪردار انسان هو ۽ مزدور طبقي تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف هن جي سوچ کيس ٽريڊ يونين تحريڪ ۾ وٺي وئي. هو مسلم ڪمرشل بينڪ ايمپلائر يونين سي بي اي جو 1972ع ۾ صدر چونڊيو هو ۽ هن جي اِها وابستگي سندس حياتيءَ جي آخري ساهه تائين جاري رهي.

اسان جي ملڪ ۾ بينڪاري صنعت هن وقت تائين ٽي دور ڏٺا آهن. پهريون دور 1947ع کان 1974ع تائين جو آهي جڏهن سموريون ڪمرشل بينڪون پرائيويٽ سيڪٽر ۾ هيون. ٻيو دور جنوري 1974ع کان شروع ٿئي ٿو جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هڪ انقلابي قدم کڻندي سمورين ڪمرشل بينڪن کي قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ائين ملڪ جو بينڪنگ سيڪٽر سرڪاري ڪنٽرول ۾ اچي ويو. ٽئين دور جو آغاز 1991 کان نواز شريف جي حڪومتي دور کان شروع ٿيو آهي، جڏهن قومي ملڪيتي بينڪس کي پرائيويٽ سيڪٽر جي هٿان وڪڻڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ شهيد عثمان غني جي مسلم ڪمرشل بينڪ سڀ کان پهرين ان جي ور چڙهي.

شهيد عثمان غني مٿين دورن ۾ بينڪن جي ٽريڊ يونين سرگرمين ۽ مزدور تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو پاڪستان جي بينڪنگ انڊسٽري جي ٽريڊ يونين جو پهريون اڳواڻ هو جنهن کي مزدور دشمن قوتن ڏينهن ڏٺي جو شهيد ڪيو. شهيد عثمان غني هڪ اهڙو مزدور اڳواڻ هو جنهن کي تاريخ ۾ هڪ فائٽر ٽريڊ يونينسٽ جي نالي سان ياد رکڻ گهرجي. هن جي سموري حياتي مزدورن جي حقن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي جهنڊي هيٺان جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد ۾ گذري. هو هڪ انتهائي فعال سياسي اڳواڻ ۽ پ پ پ سان به تعلق رکندو هو. هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ اُن جي استحڪام جي جدوجهد ۾ هميشه ڀرپور نموني حصو ورتو ۽ ان ڏس ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل ياترا به ڪئي.

هن ڏانهن اِهو ڪريڊٽ به وڃي ٿو ته هن ٻين ترقي پسند ساٿين سان گڏ شهيد بينظير ڀٽو کي ان امر تي قائل ڪيو ته پارٽيءَ جو ليبر ونگ قائم ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي طرح پيپلز ليبر بيورو جو قيام عمل ۾ آيو. شهيد عثمان غني جي پهرين گرفتاري 1947ع ۾ اُن وقت عمل ۾ آئي جڏهن هو مسلم ڪمرشل بينڪ جي ملازمن لاءِ پرافٽ بونس جاري ڪرائڻ واري احتجاجي جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو، پوليس هن کي عام جلسي مان گرفتار ڪيو ۽ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ منتقل ڪري ڇڏيو ۽ ائين شهيد جي قربانين جو سلسلو شروع ٿيو. قيد جي عقوبتن کيس عزت بخشي ۽ هن کي ڪمرشل بينڪن جي ٽريڊ يونينز ۾ احتجاجي تحريڪن ۽ ملازمن جو هيرو تصور ڪيو ويندو هو.

شهيد عثمان غني جي مزدور دوست ۽ سامراجي سرمائيداراڻي نظام جي دشمن رويي جتي هن کي محنت ڪشن ۾ مقبوليت جي بلندين تي پهچايو ته ٻئي پاسي عوام دشمن قوتون هن جي سر جون دشمن به بڻجي ويون. شهيد عثمان غني ڪراچيءَ جي قدم علائقي چنيسر ڳوٺ جو رهواسي هو ۽ هن پنهنجي ڀرپور سياسي زندگي به انهيءَ علائقي ۾ گذاري. پ پ جي پليٽ فارم تان هن انهيءَ تڪ مان اسيمبلي جي اليڪشن به وڙهي ۽ مخالف جو ڄمي مقابلو ڪيو. هو ان تڪ جي چڱن سياسي اڳواڻن ۾ شمار ٿيندو هو جتي کيس انتهائي عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو هو. هي اُهو ئي تڪ آهي جتي هن جي شهادت کان پوءِ هن جي سڀ کان وڏي پٽ سعيد غني به سياست جو آغاز ڪيو ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ کٽي ۽ اڄ محنت ۽ تعليم واري صوبائي وزير جي عهدي تي فائز آهي.

سيپمٽبر جو مهينو اتفاق ۽ بدقسمتيءَ سان هڪ اهڙي مهيني ۾ شمار ٿيندو آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي سانحن جنم ورتو. قائد اعظم محمد علي جناح انهيءَ مهيني اسان کان ڌار ٿيو، علي انٽر پرائزز گارمنٽ فيڪٽري بلديا ڪراچيءَ جو خوفناڪ حادثو جنهن ۾ 260 غريب بي قصور مزدور سڙي رک ٿيا، نائن اليون جو واقعو سيپٽمبر ۾ پيش آيو، جڏهن ته ناليوارو مزدور اڳواڻ شهيد عثمان غني به انهيءَ مهيني ۾ شهيد ٿي ويو.

1995ع ۾ سيپمٽبر جي 17 تاريخ تي شهيد عثمان غني چنيسر ڳوٺ ۾ موجود پنهنجي گهر کان هيڊ آفيس مسلم ڪمرشل بينڪ جي لاءِ روانو ٿيو ته هن جي ڪار ڪالا پُل تي پهتي ته سندس تاڙ ۾ ويٺل هٿياربند قاتل سندس چئو طرف ڦري ويا ۽ هن کي اسان کان کسيو ويو.

اِهو درست آهي ته شهيد عثمان غني اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ناهي پر اِها به هڪ حقيقت آهي ته جدوجهد ۽ قربانين جي جنهن شمع کي هن روشن ڪيو هو اُها به پوري رفتار سان روشن آهي ۽ اڄ به هزارين محنت ڪشن جي اکين ۾ هن جي ياد باقي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.