تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل يقيني بڻايو

سيف الله پنھور/کورواھ

اھيا  ڳالھه چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه  ٿيندو ته ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيڻ ۾ پاڪستان ٻين ملڪن کان تمام گھڻو اڳڀرو ٿيو آھي پر ان ڳالھه جو به اسان کي خاص خيال رکڻو آھي ته ڪورونا وبا جي روڪٿام ۽ لاڪڊائون سبب ساڍن 6 مھينن کان مسلسل بند پيل تعليمي ادارن ۾ 15 سيپٽمبر کان تدريسي عمل مرحليوار بحال ٿي ويو آھي جنھن ۾ پھرين مرحلي ۾ صرف نائين،ڏھين ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز سطح جي ڪلاسن ۾ تعليمي عمل جاري آھي جڏھن ته ٻئي مرحلي ۾ يعني 23 سيپٽمبر تي مڊل ڪلاسز پڻ کوليا ويندا ۽ آخري مرحلي ۾ يعني پھرين آڪٽوبر تي نرسري ۽ پرائمري اسڪول پڻ کوليا ويندا، جيڪو عمل يقينن ڪنھن خوشي کان گھٽ نه آھي،پر ھاڻي اسان جي ذميواري بنجي ٿي ته اسان پنھنجي مستقبل جي معمارن جي خوشين ۽ خواھشن کي ڇيھو نه رسايون جنھن سبب خدا نه ڪري اسان کي ھڪ دفعو ٻيھر گذريل وقت جھڙا ڏينھن گھارڻا پون اسان اسڪولز ڪاليجز ۽ ان کان اعلىٰ تعليمي ادارن ۾ داخل شاگردن جي والدين کي اھا اپيل ڪريون ٿا (جيڪو سندن فرض پڻ بڻجي ٿو) ته سوشل ڊسٽينس کي مدنظر رکندي پنھنجي ٻارڙن کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ حفاظتي انتظامن مثال طور فيس ماسڪ،ھينڊ گلوز، سينيٽائزر وغيره لڳائي اسڪول موڪلين ته يقينن ڪورونا جو ڪنھن حد تائين خاتمو اچي سگھي ٿو، انتھائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي معاشري جا اڪثر ماڻھو اڃان تائين ڪورونا جھڙي موتمار وبا کي سنجيده نه وٺي رھيا آھن جنھن سبب ڪورونا وائرس اسان جو تمام گھڻو نقصان پڻ ڪري چڪي آھي،

ڪورونا وائرس ويندي ويندي اسان کان بدين ضلعي جو ناليوارو صحافي محمد حنيف زئي پڻ کسي وئي آھي جنھن بدين جي ھر مسئلي تي پنھنجو پاڻ ملھايو ھو ھُن مارئي جي ديس ٿر جو قدرتي حسن ۽ فطرتي رنگ پنھنجي چينل جي اسڪرين تان سموري دنيا کي ڏيکاريا،اڄ وري به الله پاڪ جا اسان تي ڪروڙين احسان آھن جو اسان جي ملڪ ۾ ڪورونا جو خاتمو ٿيڻ تي آھي پر اسان کي انتظامي ايس او پيز تي ھر صورتحال ۾ عمل ڪرڻو آھي جنھن ۾ ئي اسان جي ڪاميابي آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.