وزيراعظم پاران سي سي پي او لاهور جي حمايت جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) وزير اعظم آءِ جي پنجاب کي هدايت ڪئي آهي ته هو سي سي پي او کي مڪمل سپورٽ ڪري. وزير اعظم جي صدارت ۾  ٿيل اجلاس جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب  وزير اعظم عمران خان ۽ سي سي پي او عمر شيخ پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهيا، جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ماٺ ۾ رهيو، امن امان جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ شهزاد اڪبر، شفقت محمود،فيصل واوڊا ۽ ٻيا حڪومتي ميمبر پڻ موجود هئا،سي سي پي او عمر شيخ جو چوڻ هو  ته هو پوليس کي ٺيڪ ڪري رهيو آهي، ٽن مهينن کان پوءِ لاهور پاڻ ڳالهائيندو ته مان ٺيڪ ٿي رهيو آهيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.