فواد چوڌري پنهنجي ريسرچ وڌائي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سي سي پي او لاهور عمر شيخ  جي عدم حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس مصطفيٰ نواز کوکر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ موٽر وي تي عورت سان اجتماعي زيادتي جو معاملو به غور هيٺ آيو.سي سي پي او لاهور عمر شيخ انساني حقن جي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو ۽ ان جي جاءِ تي ڊي آءِ جي شهزادي سلطان سندس نمائندگي ڪئي.ڪميٽي چيئرمين سي سي پي او جي عدم حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سي سي پي او کي چيو به هو پر هو نه آيو، هن موقعي تي جڏهن سڄو ملڪ ڏکارو آهي، پارليامينٽ جي ڪميٽي کيس گهرايو، ڇا سي سي پي او آسمان تان لاٿو آ جو هو ڪميٽي سامهون پيش نه ٿيو؟ڪميٽي چيئرمين ڊي آءِ جي لاهور کان پڇاڻو ڪيو ته سي سي پي او لاهور ڇو نه آيو؟ جنهن تي ڊي آءِ جي ٻڌايو ته ان جي مقرري جو معاملو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هو، تنهن ڪري هو نه اچي سگهيو.ان تي ڪميٽي چيئرمين چيو ته منعيٰ هن ذاتي معاملي کي ڪميٽي جي معاملي تي اهميت ڏني؟سينيٽر عثمان ڪاڪڙ مطالبو ڪيو ته سي سي پي او لاهور کي معطل ڪرڻ گهرجي، هن اجتماعي زيادتي جي ذميوار سي سي پي او لاهور آهي، جنهن ان معاملي جو مذاق اڏايو.اجلاس دوران ڪميٽي ميمبرن سي سي پي او لاهور جي طلبي لاءِ سمن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي انساني حقن جي ڪميٽي کيس طلبي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.ڪميٽي چيئرمين چيو ته اسان عام طور تي ائين ناهيون ڪندا پر سي سي پي او جي رويي سبب ائين ڪرڻو پيو، اسان حق مجروح ڪرڻ جو معاملو اڳتي وڌائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.