جاويد آفريدي کي ستاره امتياز ڏيڻ جو معاملو سينيٽ ڪميٽي حوالي

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي فرنچائز پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريدي کي ستاره امتياز ايوارڊ ڏيڻ جو معاملو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو، ن ليگ جي سينيٽر مشاهدالله خان سينيٽ ۾ چيو ته گهڻا ماڻهو اهڙا هئا جن کي سمجهه ۾ نه آيو ته کين ايوارڊ ڇو ڏنو ويو؟ جاويد آفريدي کي ڪرڪيٽ ٽيم جو مالڪ هئڻ سبب ايوارڊ ڏنو ويو يا چين کان بزنس آڻڻ تي؟ جيڪڏهن ڪرڪيٽ جي ڪري ايوارڊ ڏنو ته پوءِ لاهور قلندرز، ڪراچي ڪنگز۽ ٻين ٽيمن کي ڇو نه ڏنو ويو؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.