غيرقانوني بلڊ بئنڪن خلاف ڪيس ۾ جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس سيد يوسف علي ۽ جسٽس آغا فيصل تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سرڪاري اسپتالن ۾ غير رجسٽرڊ بلڊبئنڪن جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌجواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت گهري ورتي جڏهن ته عدالت سنڌحڪومت ۽ صحت کاتي کان به جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 8آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ جناح ۽ سول اسپتال سميت ٻين علائقن ۾ غيرمعياري بلڊبئنڪون موجود آهي .

غلام قادر ڄاموٽ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پي آءِ اي ۾ انساني وسائل ۽ خدمتن واري کاتي جي ڊائريڪٽر غلام قادر ڄاموٽ جي خلاف ڪريشن انڪوائري ۽ اي سي ايل مان نالوڪڍي واري درخواست تي عدالت غلام قادر جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ،نيب جي جاچ آفيسر چيو ته جوابدارکان وڌيڪ انڪوائري جي ضرورت نه آهي، جوابدار جي خلاف ڪلفٽن ۾ ٻه فلاحي پلاٽن جي غير قانوني الاٽمينٽ ۾ ملوث هجڻ جو شڪ آهي ان ڪري نالو اي سي ايل شامل ڪيو ويو آهي ته جوابدار فرار نه ٿي وڃي .

ڪراچي ۾ ناري سان ڏاڍائي جي ڪوشش، 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ناري سان مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش، واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار پاڻ ۾ پيءَ پٽ آهن. گذريل اربع واري رات ديرسان ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي بلاڪ بي ۾ 2 جوابدارن 23 ورهين جي نيها ڌيءَ رضوان کي رستي ويندي روڪي تشدد ڪيو، جڏهن زيادتي جي ڪوشش پڻ ڪئي. متاثر ناري موجب پاڙيوارن جوابدارن کان بچايو، جوابدار پاڙي جا آهن، سندن پيءَ کي دانهن ڏني ته انهي به مون سان بدتميزي ڪئي. واقعي جو اطلاع 15 تي ڪيو، پوليس پهچي فهد ۽ حامد کي کڻي وئي، ٿاڻي تي ٻنهي جوابدار کي ڪجهه دير ويهاري آزاد ڪيو ويو، متاثر ناري ،وارثن سميت ٿاڻي پهتي ته جوابدار ٿاڻي تي موجود نه هئا، جنهن تي ٿاڻي اندر ناري ۽ سندس وارثن هنگامو ڪيو، جنهن بعد رات دير سان ناري جي فرياد تي 3 جوابدارن حامد، فهد ۽ سندن والد نذير خلاف ايف آءِ آر نمبر 20/2020 داخل ڪري جنهن ۾ قلم 354 / 540/ ۽ 337 اي شامل ڪيا ويا، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بعد پوليس ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

جماعت اسلامي پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ بار کي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت

ڪراچي (رپورٽر)اميرجماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمٰن سنڌهاءِڪورٽ بار کي 27 سيپٽمبر تي ڪراچي حقوق جي حوالي سان  مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ڪراچي جي وڪيلن شهرين جي حقن اسان سان جدوجهد شامل ٿين .وڪيلن جي اڳواڻن نعيم الرحمٰن کي شرڪت جي خاطري ڪرائي ،حافظ نعيم الرحمٰن چيو آهي ته عمران خان هرمهيني بجلي جي بلن ۾ اضافو ڪري رهيو آهي .

نينگري اغوا ڪيس جو جوابدار ضمانت رد ٿيڻ تي عدالت مان فرار

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ نينگري اغواڪيس ۾ جوابدار اياز غني جي ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي .ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويو ،جوابدار ايازغني نينگري عائشه کي اغواڪيو هو هن  خلاف ڪلري ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي .

شڪارپور ۾ جهيڙو، همراهه قتل، واٽهڙو زخمي

شڪارپور(ن ع آ)شڪارپور ۾ نيوفوجداري ٿاڻي جي حد  رستم موڙ چوڪ تي آرائين برادري ۾پراڻي زميني تڪرار سبب آرائين ذوالفقار آرائين موٽر سائيڪل تي رستم موڙ وٽ بيٺو هو ته  ٻن هٿيار بند ٽي ٽي پسٽل جا فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا فائرنگ جي نتيجي ۾ذوالفقار علي آرائين  موقعي تي ئي قتل ٿي ويو جڏينهن ته هڪ راهگير امجد علي شيخ شديد زخمي ٿي پيو آھي

شرجيل ميمڻ جي گهرواري  جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ نيب کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جوابدار شرجيل ميمڻ جي زال صدف شرجيل جي پاران اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر سميت ٻين کي  نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .درخواست گذار جي وڪيل  چيو ته منهنجي اصيل پرڏيهه  وڃڻ چاهي ٿي ان ڪري اي سي ايل مان نالو خارج ڪيو وڃي ،

حيدرآباد ۾ پوليو جو نئون ڪيس ظاهر

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ 2020ع جو پهريون پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيو آهي، صحت کاتي جي ذريعن موجب ويڪسين ذريعي پوليو جو پهريون ڪيس ظاهر ٿيو آهي،ٽنڊو حيدر سان تعلق رکندڙ 6 ورهين جي نينگري سنڌيا ۾ پوليو جون علامتون ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ڪيل ٽيسٽ ۾ پوليو جي تصديق ٿي، ڪراچي ۾ اهڙن ڪيسن جو انگ 8 ۽ ملڪ ۾ 62 آھي. ويڪسين مان پيدا ٿيل ڪيس کي پي ٽو وائرس سڏيو وڃي ٿو. ذريعن موجب نينگري کي 14 آگسٽ تي ڪمزوري ٿي علاج دوران وائرس جي تشخيص ٿي آهي.

حيدرآباد ۾ ڪسٽم اختيارين جو ڇاپو، چوري ٿيل پائيپ هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) ماڊل ڪسٽم ڪليڪٽوريٽ حيدرآباد جي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم نوري آباد ۾ ڪسٽم جي خانگي گدام مان 170 ملين رپين جي ماليت جي اسٽيل پائيپ جي چوري، 39 ملين رپين جي ماليت جي سرچارج، ٽيڪس ۽ ڊيوٽي ادا نه ڪرڻ خلاف هڪ فيڪٽري جي مالڪ تي ڪيس داخل ڪري چوري ٿيل پائيپ هٿ ڪري ورتا آهن.

ڪوٽڏيجي ڀرسان اوباش نوجوان پورهيت جي گهر ۾ داخل

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) ڪوٽڏيجي ڀرسان اوباش نوجوان پورهيت جي گهر ۾ داخل گهر ڀاتين پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪيو خبر موجب ڪوٽڏيجي جي علائقي ڪوٽبنگلو جي محلہ قاسم آباد ۾ پورهيت نذاڪت علي خاصخيلي جي گهر ۾ اوباش نوجوان سرفراز ولد نظير احمد وساڻ داخل گهر ڀاتين پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد ڪوٽڏيجي پوليس حوالي ڪيو صحافين پاران ڪوٽڏيجي پوليس  کان موقف وٺڻ جي ڪوشش پوليس موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آخري اطلاعن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.