حيدرآباد ۾ لوڊشيڊنگ تمام وڏو مسئلو بڻيل، 14 ڪلاڪن تائين بجلي بند، شهري تپي ويا

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد ۾ حيسڪو پاران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ گهٽجي نه سگهي. اڪثر علائقن ۾ 12 کان 14 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري رهواسي تمام گهڻي تڪليف  کي منهن ڏئي رهيا آهن. بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف قاسم آباد جي مختلف علائقن  جي رهواسين پاران نسيم نگر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ محمد قاسم ميمڻ، باغ لغاري،رشيد چانڊيو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته قاسم آباد ۾ حيسڪو سب ڊويزن قاسم آباد پاران 12 کان 14 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي. جنهن ڪري شهري سخت پريشان آهن. سخت گرمي ۽ مڇرن جي آزار دوران بجلي جي بندش کين ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته هڪ طرف رهواسين کي ڊٽيڪشن هڻي بجلي جا ڳرا بل موڪليا وڃن ٿا ته ٻئي طرف اهي بل درست ڪرائڻ لاءِ ويندڙ ماڻهن کي آفيسن ۾ پريشان ڪيو وڃي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.