ٽيوشن ٽيچر هٿان معصوم ٻارڙن تي تشدد جي وڊيو وائرل

جهلم (م ڊ) ٽيوشن ٽيچر هٿان معصوم ٻارڙن تي تشدد جي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي وئي. جهلم ۾ پيش آيل واقعي واري وديو ۾ ٻارن جي رڙين هر ڪنهن جو جيءُ جھوري وڌو. پوليس ترت قدم کڻندي ٽيچر کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو پر بعد ۾ پوليس حراست ۾ ورتل ٽيچر کي والدين معاف ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري کيس ان شرط تي آزاد ڪيو ويو ته جيڪڏهن پڙهائيندو ته انسان ٿي پڙهائيندو.

گيس گھٽتائي جو بهانو، ڪي اليڪٽرڪ طرفان لوڊ شيڊنگ ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ گيس پريشر ۾ گھٽتائي جو بهانو بڻائيندي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.جنهن ڪري مختلف علائقا رات جو اوندهه ۾ ٻڏل، شهري گرمي ۾ ساڻا ٿي پيا. بجلي نه هجڻ ڪري لياقت آباد، گلشن اقبال، کاارادر، نيا آباد، کڏا مارڪيٽ، ڀٽا وليج ۽ لياريءَ سميت شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪاروهنوار متاثر رهيو.

ڪراچي جي ناري کي آخرڪار موٽر سائيڪل هلائڻ جو لائسنس ملي ويو

ڪراچي ( رپورٽر  ) سوشل ميڊيا تي احتجاج ڪندڙ ناري کي ڪراچي ٽريفڪ پوليس  موٽرسائيڪل هلائڻ جو لائسنس جاري ڪري ڇڏيو، ناري پاران خوشي جو اظهار، 2 ڏينهن اڳ ڪراچي جي ناري شيرين فيروزپور والا موٽرسائيڪل هلائڻ لاءِ ڪراچي جي هڪ لائسنس برانچ وئي جتي کيس اهو چئي واپس ڪيو ويو ته موٽرسائيڪل هلائڻ لاءِ صرف نوجوانن کي ئي لائسنس جاري ڪيو ويندو آهي جنهن بعد هن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي شڪايت رکي، اهڙي معاملي جو ڊي آءِ جي لائسنس قمرزمان نوٽيس وٺندي ناري کي واپس ڪندڙ ڊيٽا آپريٽر کي عهدي تان فوري هٽائي ناري شيرين کي لائسنس جاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو، ڊي آءِ جي لائسنس قمرزمان چيو ته معاملي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي ڪلفٽن جي حڪم ڪيو آهي، جيڪو جاچ ڪري رهيو آهي هن ٻڌايو ته شروعاتي جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊيٽا آپريٽر ڪنفيوز ٿي ويو هو جنهن سبب هن ناري کي واپس ڪيو، هن چيو ته عورتن کي موٽرسائيڪل هلائڻ لاءِ لائسنس جاري ڪرڻ ۾ هاڻي ڪابه رڪاوٽ ناهي اهي هاڻي لائسنس حاصل ڪري سگهنديون. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پنهنجي ٽيوٽ ۾ ناري شرين کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته اميد ٿي ڪجي ته شيرين هيلميٽ پائي مڪمل سيفٽي سان موٽرسائيڪل هلائيندي جنهن جي جواب ۾ شرين چيو ته ڊي ايس پي لائيسنس ڪلفٽن فون ڪري گهرايو ۽ لائيسنس جاري ڪيو، جڏهن ته مڪمل سيفٽي سان موٽرسائيڪل هلائيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.