اينٽي ڪرپشن جو صوبائي وزير ڪرپشن ۽ جعلي ڀرتين جي الزام سبب نيب جي ريڊار تي !

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)اينٽي ڪرپشن ۽ انڊسٽريز وارو صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جعلي ڀرتين،ڪرپشن ۽ پلاٽن جي غير قانوني الاٽمينٽ جي الزامن هيٺ نيب جي ريڊار تي اچي ويو آهي،جڏهن ته سندس  مٿان سائيٽ ڪراچي ۾ جعلي ڀرتيون ڪرائڻ پلاٽن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪرائڻ،غيرقانوني طريقي سان اثاثا ٺاهڻ ۽ فنڊن ۾ گهوٻين جا الزام سامهون آيا آهن،،مليل دستاويزن موجب اينٽي ڪرپشن ۽ انڊسٽريز وارو صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو پڻ ڪرپشن جي شديد الزامن جي زد ۾ اچي ويو آهي جنهن الزامن بابت هيڊ ڪوارٽر جي منظوري بعد نيب ڪراچي تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي دستاويزن موجب نيب ڄام اڪرام الله ڌاريجو سميت مجموعي طور تي ستن ماڻهن خلاف تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي دستاويزنNAB(k)2020/191204 ۽ NAB(k)2020/198169 موجب صوبائي وزير جي خلاف سائيٽ ايريا ۾ ڪرپشن جي الزام جي تحقيقات هڪ شخص سيد اياز علي عابدي جي شڪايت تي ڪئي وئي آهي جنهن نيب کي درخواست سان گڏ ڪرپشن جا پڪا ثُبوت پڻ ڏنا آهن جنهن جي بنياد تي نيب شروعاتي تحقيقات ڪري شروعاتي رپورٽ نيب هيڊ ڪوارٽر کي اماڻي ويئي رپورٽ سان گڏ اهو پڻ شامل ڪيو ويو ته صوبائي وزير جي مبينا طور تي ٻه پرائيويٽ سيڪريٽري علي احمد نائچ ۽ دُر محمد مهر جي ڪرپشن ملوث ھُجڻ توڙي صوبائي وزير جي فرنٽ مين طور ڪم ڪرڻ جون شاهديون پڻ مليون آهن جنهن بنياد تي انهن ٻنهين کي تحقيقات جو حصو بنايو ويو آهي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ڪابينا جو حصو بنجڻ بعد ڪرپشن جي سنگين الزامن جي زد ۾ رهيو آهي جنهن تي نيب ۾ الزام لاڳو ڪيو ويو آهي ته صوبائي وزير 800 جعلي ڀرتيون ڪيون آهن جنهن عمل سان سائيٽ کي ڪروڙن جو نقصان پهتو آهي ان کانسواءِ نيب رڪارڊ موجب صوبائي وزير پنهنجي فرنٽ مينن ذريعي سائيٽ مان ماهورا ڳري رقم پڻ وصول ڪري ٿو نيب کي ملندڙ ثُبوتن موجب هن سائيٽ ايريا ۾ ڪروڙين رپيا وٺي غيرقانوني طريقي  سان پلاٽن جي الاٽمينٽ ڪئي آهي جنهن عمل سان قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو آهي نيب دستاويزن موجب صوبائي وزير سائيٽ جي فنڊن ۾ پڻ ڪروڙين روپين جا غبن ڪيا آهن جنهن ڪري سندس آمدني ۽ اثاثن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي نيب جي تحقيقات موجب صوبائي وزير ترقياتي ۽ غير ترقياتي اسڪيمن جي فنڊز ۾ ڪرپشن ڪري اها رقم ذاتي پراپرٽيز جي خريداري ۾ استعمال ڪئي آهي

نيب جو ليٽر مليو نه ڪا انڪوائري  پئي ٿئي: اڪرام ڌاريجو

ڪراچي:اينٽي ڪرپشن ۽ انڊسٽريز واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جو چوڻ آهي ته هن کي نيب پاران ڪو به ليٽر نه مليو آهي ۽ نه ئي سندس خلاف نيب ۾ ڪا انڪوائري هلي رهي آهي منهنجي مٿان لڳايل الزامن ۾ ڪا به صداقت نه آهي هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سائيٽ ۾ مون هڪ به شخص ڀرتي نه ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪو پلاٽ الاٽ ڪيو آهي هن جو چوڻ هو ته جن ٻن ماڻهن  کي منهنجو پرائيويٽ سيڪريٽري ظاهر ڪيو ويو آهي انهن سان منهنجو ڪو به تعلق نه آهي هن چيو ته سائيٽ ايريا ۾ ڪرپٽ عناصرن خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪرڻ کانپوء هڪ گروھ منهنجي خلاف سرگرم ٿي ويو آهي ته جيئن سائيٽ ۾ بهتري وارن منهنجي قدمن کي روڪي سگهجي۔

ڄام اڪرام ڌاريجي تي ڪوآپريٽو سوسائٽيز ۾ من پسند ايڊمنسٽريٽر رکرائڻ جا به الزام

ڪراچي:صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو تي ڪو آپريٽو سوسائيٽيز ۾ ڳري رشوت عيوض من پسند ايڊمنسٽريٽر رکرائڻ جا الزام پڻ سامهون آيا آهن،نيب موجب صوبائي وزير خلاف ڳري رشوت عيوض ايڊمنسٽريٽر رکرائڻ جي پڻ نيب تحقيقات ڪري رهيو آهي جڏهن ته صوبائي وزير اهڙن الزامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته هن ڪو به اهڙو غير قانوني عمل نه ڪيو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.