مني لانڊرنگ تي اڍائي ڪروڙ ڏنڊ ۽ 5 سال سزا ملندي

اسلام آباد: منظور ٿيل بل تحت وفاقي علائقن ۾ مسجد ۽ امام بارگاهه مدرسن توڙي فلاحي ڪمن لاءِ  لاءِ زمين وقف ڪرڻ کان اڳ رجسٽرڊ  ڪرڻي پوندي.  حڪومت کي وقف ملڪيتن جي انتظام هيٺ زمين تي ٿيل اڏاوت جي آمدني جو ذريعو ڄاڻڻ ۽ آڊٽ جو به اختيار هوندو. وقف بورڊ تي قائم مسجدون، امام بارگاهون ۽ ٻيا ادارا وفاق جي ڪنٽرول ۾ اچي ويندا. عمارتن جو منتظم مني لانڊرنگ ۾ ملوث نڪتو ته سرڪار انتظام سنڀاليندي. قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ کي اڍائي ڪروڙ ڏنڊ ۽ 5 سال سزا ملندي. حڪومت چيف ڪمشنر ذريعي منتظم اعليٰ مقرر ڪندي. منتظم اعليٰ ڪنهن خطبي يا ليڪچر کي روڪي سگهندو ۽ ملڪ جي خودمختياري يا وحدانيت کي نقصان پهچائڻ واري معاملي کي به روڪي سگهندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.