”وفاقي وزيرن وٽ عوامي مسئلن لاءِ وقت ناهي“ وزيراعظم کي شڪايتون

اسلام آباد( م ڊ) وزيراعظم آڏو پي ٽي آءِ ۽ اتحادين مسئلا حل نه ٿيڻ تي وفاقي وزيرن خلاف شڪايتن جا دفتر  کولي ڇڏيا. وزيراعظم جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ ۽ اتحادين جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾  ميمبرن شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. وزيراعظم آڏو نه صرف اتحادين پر پي ٽي آءِ جي ميمبرن به  شڪايتون ڪيون ته وفاقي وزيرن وٽ عوامي مسئلا ٻڌڻ لاءِ وقت ناهي. پي ٽي آءِ جي نور عالم خان نيب جو نوٽيس ملڻ تي احتجاج ڪيو ته جڏهن به ڪجهه ڳالهايون ٿا ته نيب جو نوٽيس ملي ٿو وڃي. وزيراعظم چيو ته نيب  آزاد ادارو آهي اهو حڪومت جي ماتحت ناهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.