پي اي سي جي ساک وڃائڻ جو سبب حڪومتي ميمبر!

ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر) پي اي سي چيئرمين آخرڪار پنهنجن ئي ميمبرن خلاف پارٽي قيادت آڏو شڪايتن جا ڍير لڳائي  ڇڏيا، غلام قادر چانڊئي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پي اي سي جي بدنامي جو سبب حڪومتي ميمبرن کي قرار ڏيندي انهن جي تبديلي جي گذارش ڪري ڇڏي، پارٽي چئرمين طرفان نون ميمبرن لاءِ نالا تجويز ڪري ورتا،ان ڏس ۾ ذريعن موجب سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چئرمين غلام قادر چانڊئي آخرڪار پي اي سي جي مسلسل غير فعال هجڻ ۽ شيڊولن باوجود اجلاس ملتوي ڪرڻ  واري بدنامي جو سبب پنهنجي ئي ميمبرن کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ڪميٽي چئرمين طرفان پيپلزپارٽي جي چئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلاول هائوس ۾ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ غلام قادر چانڊئي پي اي سي جي گڏجاڻين ۾ پارٽي ميمبرن طرفان نه اچڻ جون شڪايتون ڪندي انهن جي فوري تبديلي لاءِ پارٽي قيادت کي درخواست ڪندي چيو آهي ته جيڪي 6 ميمبرن آهن انهن مان سواءِ ٻن ميمبرن جي ٻيو ڪير به ميمبر گڏجاڻين ۾ اچي ئي نٿو جيڪڏهن انهن کي ڪال ڪيون ٿا ته اهي بيماري ۽ پروگرام ۾ هجڻ جو بحانو ڪري نٿا اچن ان ڪري انهن ميمبرن کي پي اي سي مان خارج ڪري نوان ميمبر ڏنا وڃن ذريعن موجب اهڙي شڪايتن بعد بلاول ڀٽو زرداري طرفان نون ميمبرن جي شموليت لاءِ ڪميٽي جي چئرمين کي لکت ۾ پسند جا نالا ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، ذريعن موجب پي اي سي جي نون ميمبرن لاءِ ايندڙ ٻن هفتن اندر  پارٽي قيادت کي لسٽ فراهم ڪئي ويندي ياد رهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ ميمبرن طور تي فيال ٽالپر، شرجيل انعام ميمڻ، قاسم سراج سومرو، گهنور اسراڻ، عبدالڪريم سومرو  ۽ سيد فرّخ شاه شامل آهن..پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين عوامي آواز سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته ڪميٽي جي ساک خراب ڪرڻ ۾ اسان جي ميمبرن جو هٿ آهي هن چيو ته ميمبرن جي نه اچڻ ڪري بدنامي منهنجي ٿي رهي آهي.هوڏانهن پي اي سي وڌيڪ ٽن ڏينهن جون رکيل گڏجاڻيون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي طرفان جاري شيڊول موجب گذريل ڏينهن ضلعي حڪومتن بابت رکيل گڏجاڻي ملتوي ڪندي وڌيڪ 17 ۽ 18 تاريخ واريون گڏجاڻيون به ملتوي ڪري ڇڏيون آهن،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.