بحريا ٽائون ۾ قاعدن جي ابتڙ ٿيندڙ اڏاوتون، سنڌ هاءِ ڪورٽ روڪي ڇڏيو

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بحريا ٽائون ۾ قاعدن جي ابتڙ ٿيندڙ اڏاوتن تي ڪم روڪڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ سرڪار، بحريا ٽائون انتظاميا  ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي چئن هفتن ۾ جواب جمع  ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت سنڌ بار ڪائونسل ۽ هاءِ ڪورٽ بار کان سهڪار گهري ورتو آهي. درخواست گذار محمود اختر نقوي پاران درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  بحريا ٽائون ۾ لڳاتار بلڊنگ پلان ۽ قانون جي ابتڙ اڏاوتون ٿي رهيو آهن. عدالت چيو ته اهو به ڏسڻو آهي ته درخواست گذار لڳاتار عوامي مفادن جون درخواستون داخل ڪرائي رهيو آهي. اهو پيشيور  وڪيل طور پيش ٿي سگهي ٿو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.