گم ٿيلن جي وارثن جي ڪئمپ تي پهتل فاروق ستار سان بدتميزي

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي پريس ڪلب آڏو گم ٿيل ماڻهن لاءِ قائم ڪيل ڪئمپ تي ايم ڪيو ايم بحالي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق  ستار کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو، سوشل ميڊيا موجب ڊاڪٽر فاروق ستار قوم پرست ڪارڪنن جي لڳل ڪئمپ تي همدردي جي اظهار لاءِ پهتو،  تاج جويو پاران فاروق ستار کي ڳالهائڻ جي دعوت ڏئي مائڪ حوالي ڪئي، ڊاڪٽر فاروق ستار اڃا ڳالهائڻ شروع ڪيو ته انعام عباسي ڪاوڙ ۾ اچي کائنس مائيڪ کسي ورتي، انعام چيو ته جيڪي ڪراچي ۽ سنڌ چون ٿا ان تي اسان جو انهن سان اختلاف آهي ۽ اسان انهن سان نه ڳالهائينداسين، هن چيو ته جيڪي ماڻهو سنڌ خلاف ڳالهائيندا ۽ انهن کي ڳالهائڻ لاءِ مائيڪ ڏني وڃي ٿي انهن مائيڪ ڏيندڙن تي به لعنت آهي، بعد ۾ انعام عباسي ۽ تاج جويو ۾ پڻ ڏند چڪ ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.