حڪومت وٽ ملڪ ۾ غربت بابت ڪي به انگ اکر موجود نه!

اسلام آباد (بيورو+م ڊ)قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ملڪ ۾ غربت ۾ اضافي جي حوالي سان ڪو به  ثبوت موجود نه آهي، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سيد آغا رفيع الله جي سوال جي جواب ۾ غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي سڌارن واري وزارت پاران ايوان کي لکت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2016ع کانپوءِ غربت جي سطح جي حوالي سان ڪي به اعتبار جوڳا انگ اکر دستاب نه آهن تنهن ڪري اهو ٻڌائڻ ممڪن نه آهي ته غربت ۾ اضافو ٿيو آهي، ايوان کي ٻڌايو ويو ته غربت جي ڪاٿي جي ڏس ۾ گذريل رجحانن جي حوالي سان قومي غربت جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي نظر آئي آهي، ايوان کي ٻڌايو ويو ته 16 -2016ع ۾ قومي ڪميشن پاڪستان جي قومي غربت رپورٽ ۾ قومي سطح تي غربت ۾ گهٽتائي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، 1998ع ۾ پاڪستان ۾ غربت جي سطح 57.9 سيڪڙو کان گهٽجي 2016ع ۾ 24.3 سيڪڙو ٿي وئي هُئي، رپورٽ موجب شهري علائقن جي مقابلي ۾ ٻهراڙي جي علائقن ۾ گهڻ رخي غربت جي شرح 55 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي، جڏهن ته شهري آبادي ۾ 9 سيڪڙو گهڻ رخي غربت جي شرح ڏٺي وئي آهي، هوڏانهن قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ۾ هنگامي بنيادن تي ڀرتيون مختصر عرصي جي لاءِ ڪيون وينديون آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.